Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait
٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن جا اوصافِ حميده پاڻ ربِّ ڪريم قرآن ۾ بيان فرمايا. ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جو حديث سڳورين ۾ انهن جو شان بيان ڪيو ويو آهي. ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن کي الله پاڪ پنهنجي محبوبِ پاڪ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي ساٿ جي لاءِ چونڊيو، ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن کي سڀ کان پهريان تبليغِ اسلام جون سعادتون مليون، ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن دينِ اسلام جي ترويج ۽ اشاعت جي لاءِ ڪافرن جي ظلم ۽ ستم کي برداشت ڪيو، ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن جي سخت ڪوشش سان اسلام جو جهنڊو سڄي جهان ۾ بلند ٿي ويو. ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن دين جي تبليغ جي لاءِ پنهنجي جان مال متاع سڀ قربان ڪري ڇڏيو. ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن ابتداءِ اسلام جي مشڪل ماحول ۾ بُک اُڃ برداشت ڪري، پيٽ تي پٿر ٻڌي، قريبي رشتيدارن جون دشمنيون برداشت ڪري ۽ انهن سان جنگيون وڙهي به پرچمِ اسلام کي بلند رکيو،٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن جي سخت محنتن ۽ لازوال (Eternal) قربانين جو نتيجو آهي جو اڄ اسان الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام سان کلي ڪري محبت ڪيون ٿا، ٭ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو مقام ۽ مرتبو ايتري قدر بلند آهي جو خود الله پاڪ قرآنِ پاڪ جي مختلف آيتن ۾ نهايت شاندار طريقي سان انهن جي ساراھ فرمائي آهي۔
اچو! انهن پاڪ هستين جي شان ۽ عظمت جي باري ۾ قرآنِ پاڪ جي هڪ آيتِ مبارڪه ٻڌون ٿا، ته جيئن اسان جي دِلين ۾ انهن جي عظمت ۽ عقيدت وڌيڪ اُجاگر ٿئي۔
جيئن سيپارو 11سُوْرَة التَّوْبَة آيت نمبر 100 ۾ اِرشاد آهي:
رَّضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوْا عَنْهُ وَ اَعَدَّ لَهُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ تَحْتَهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًاؕ-ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِیْمُ(۱۰۰)(پ۱۱،التوبۃ: ۱۰۰)