Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

جي بيحد اهميت آهي، پير جي محبت ۽ اطاعت جي بدولت هڪ مُريد پنهنجي پير جي فيوض ۽ برڪات سان مستفيض ٿيندو آهي جڏهن ته مرشِد جي محبت کان خالي دل ان جي برڪتن کان به محروم رهندو آهي۔ جيئن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي 273 صفحات تي مشتمل ڪتاب ”آدابِ مرشدِ ڪامل“ جي صفحي 38 تي آهي :

حضرت سيدنا امام عبدالوهاب شعراني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”اي منهنجا ڀاءُ! تون ڄاڻي وٺ ته مرشد جي ادب جو اعلي حصو مرشد جي محبت ئي آهي جنهن مريد پنهنجي مرشد سان ڪامل محبت نه رکي، هن طرح جو مرشد کي پنهنجي تمام خواهشن تي ترجيح نه ڏني ته اهو مريد ان راھ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ڇو ته مرشد جي محبت جو مثال ڏاڪڻ وانگر آهي، مريد ان جي ذريعي ئي چڙهي ڪري الله تعالي جي بارگاھ ۾ پهچندو آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! پير جي محبت ضروري (Necessary) آهي، مفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بي شمار عمده صفتن مان هڪ صفت اها به هئي جو پاڻ پنهنجي پيرو مرشد اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّارقادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان بيحد محبت ڪندا هئا۔ اميرِاهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جيڪڏهن انهن کي ڪجھ عنايت فرمائيندا هئا ته پاڻ بيحد خوش ٿيندا هئا ۽ وڃي ڪري پنهنجي والده محترمه جي هٿ ۾ ڏيندا هئا ۽ عرض ڪندا هئا ته ”هن تبرڪ کي گھر ۾سڀني کي ٿورو ٿورو تقسيم ڪري ڇڏيو۔“              (مفتي دعوتِ اسلامي، ص۳۶)

سندن مرشد جي ادب جو حال هي هو جو جڏهن به گھر ۾ موجودگي جي دوران امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي فون ايندي هئي ۽ قميص پاتل نه هوندي هئي ته هڪدم قميص پائڻ لڳندا هئا.

اڪثر فرمائيندا هئا؛ ”مون کي جيڪا عزت ملي آهي منهنجي مرشد جو صدقو آهي۔“ مڪتب مجلسِ افتاء ۾ سندن گڏ ڪم ڪرڻ واري مفتي صاحب جو چوڻ آهي ته امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جون ڪافي عادتون سندن ۾