Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نماز جون برڪتون:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پابندي سان نماز پڙھڻ جون وڏيون برڪتون آهن: مثال طور ٭ نماز جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي ٭ نماز مومن جي لاءِ بهترين عمل آهي ٭ نماز نُور آهي ٭ خشوع وخضوع سان 2 رڪعتون ادا ڪرڻ واري جي لاءِ جنّت واجب ٿي ويندي آهي ٭ 2 رڪعت نماز دُنيا و مَافِيھَا (يعني دُنيا ۽ جيڪو ڪجھ هن ۾ آهي) کان بهتر آهي ٭ نماز الله پاڪ جو پسنديده عمل آهي ٭ نماز ۾ هر سجدي جي عوض هڪ نيڪي لکي ويندي، هڪ گناھ مٽايو ويندو ۽ هڪ درجو بُلند ڪيو ويندو آهي ٭ نمازي قيامت جي ڏينهن سَلامتي سان جنّت ۾ داخل ڪيو ويندو ٭ نماز سان گناھ ڇڻندا آهن، نماز گناهن جي مَر کي ڌوئي ڇڏيندي آهي، هڪ نماز پوئين نماز جي دوران ٿيڻ وارن گناهن کي ڌوئي ڇڏيندي آهي ٭ نمازي خير ۾ رات گذاريندو آهي ٭ نماز برائين کي مِٽائيندي آهي ٭ نمازي جنّت ۾ داخل ٿيندو ٭ نمازي جي لاءِ معصوم ملائڪ ربّ پاڪ جي بارگاھ ۾ مغفرت جي سفارش ڪندا آهن ٭ نمازي الله تعاليٰ جي اَمان يعني حفاظت ۾ رهندو آهي ٭ نماز، نمازي جي لاءِ حفاظت جي دعا ڪندي آهي ٭ نماز،شيطان جو منهن ڪارو ڪندي آهي۔

دربارِ مصطفی میں تمہیں لے کے جائے گی                                        خالق سے بخشوائے گی اے بھائیو! نماز

جنّت میں نرم نرم بچھونوں کے تخت پر                                          آرام سے سُلائے گی اے بھائیو! نماز

فاقے سے مُفلسی سے جہنّم کی آگ سے                                          سب سے تمہیں بچائے گی اے بھائیو! نماز

بات اعظمیؔ کی مانو نہ چھوڑو کبھی نماز                                                       اللہ سے مِلائے گی اے بھائیو! نماز

(جنتی زیور، ص۶۵۸ بتغیر)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين جا سينا