Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

اِتّباع ۾ کڻندا هئا جڏهن ته اسان دِين ۽ شريعت تي عمل کان پاسو ڪيون ٿا، ٭ بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين فرض ۽ واجب سان گڏوگڏ سُنّت ۽ مستحب جي به زبردست پابندي ڪندا هئا جڏهن ته اسان فرضن ۽ واجبن کان به غافل آهيون، ٭ الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها آخري پساھ تائين نيڪيون ڪمائڻ جي ڌُن ۾ مگن رهندا هئا جڏهن ته اسان مان اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي سڄي زندگي غفلت ۾ گُذاري پوڙهائپ ۾ به نيڪين ڏانهن مائل نٿا ٿين ٭ اسان جا اسلاف سالن تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪندا هئا جڏهن ته هڪ تعداد آهي، جنهن کي فجر ۾ بيدار ٿيڻ جي توفيق ئي ناهي ملندي ٭ ۽ جيڪي بيدار ٿيندا آهن، انهن مان نهايت گھٽ مسجد ۾ اچي فجر باجماعت پڙھندا آهن۔ ٭ اسان جا اَسلاف پياري آقا، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّتن جا ديوانا هئا جڏهن ته اسان فيشن جا شوقين دنيا جي رنگينين جا مَستانه آهيون ٭ اسان جا اسلاف نه صرف پاڻ نيڪيون ڪندا هئا بلڪ ٻين تائين به نيڪي جي دعوت پهچائيندا هئا، جڏهن ته اسان نه رڳو پاڻ گناهن ۾ مشغول رهندا آهيون بلڪ مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ ٻين کي به گناهن جا موقعا فراهم ڪندا آهيون۔ اي ڪاش! اسان به نيڪ بڻجي وڃون، اي ڪاش! اسان به پنهنجن بزرگن جي نقشِ قدم تي هلڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان کي به پنهنجي اسلاف وانگر آخرت جو فڪر نصيب ٿي وڃي۔ اچو! گڏجي دعا گھرون ٿا:

مِرے دِل سے دُنیا کی چاہَت مِٹا کر                            کر اُلفَت میں اپنی فنا یاالٰہی!

گناہوں کے اَمراض سے نِیم جاں ہوں                      پئے مُرشِدی دے شِفا یاالٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                                گناہوں سے ہر دَم بَچا یاالٰہی!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اولياءِ ڪرام جي ذڪر جون برڪتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي زندگين ۾ اسان جي لاءِ