Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

رهنمائي حاصل ڪرڻ آهي، وڌيڪ اهو ته ولي ۽ پير جي لاءِ عالم هجڻ ضروري آهي ته جيئن ماڻهن جي درست شرعي رهنمائي ڪري سگهن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تصوف جو باب نهايت ڪشادو آهي، صوفياءِ ڪرام تصوف جون مختلف تعريفون بيان ڪيون آهن، جيئن منقول آهي ته (شريعت جو پابند هجڻ) عجز ۽ اِنڪساري اپنائڻ ۽ توڪل ۽ قناعت اختيار ڪرڻ جو نالو تصوف آهي۔ (الله والوں کی باتيں،۵/۳۹)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اسان جا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شريعت جا پابند ۽ عاجزي ۽انڪساري جا پيڪر هئڻ سان گڏوگڏ توڪل ۽ قناعت جي قيمتي دولت سان مالا مال هئا ۽ پاڻ تمام گھٽ غِذا اِستِعمال ڪندا هئا، سندن عام غِذا چڪي جي پيسيل اٽي جي ماني ۽ ٻڪري جو قَورمو هو، آخِري عُمر ۾ اها خوراڪ اڃان به گھٽجي فقط هڪ پيالي ٻڪري جي گوشت جو شوربو بِغير مرچ جو ۽ هڪ ڏيڊ بسڪٽ (Biscuit) سُوجي جو کائيندا هئا، مطلب ته کائڻ پيئڻ جي مُعاملي ۾ پاڻ نهايت ساده هئا۔ (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۱۳) اهڙي طرح روزو رکڻ اوهان کي گھڻو پسند هو، ڪيتري ئي بيماري هجي، چاهي وڏي ڪمزوري هجي (رمضان جو) روزو ڪڏهن نه ڇڏيائون، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ڀائٽو ۽ خليفو مَولانا حَسَنَين رَضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: روزي جي قَضا جي باري ۾ نه سندن جي ڪنهن وڏي جي زَباني ٻڌو نه ڪنهن برابر واري ٻڌايو، نه اسان ننڍن ڪڏهن مُبارَڪ مهيني جو ڪو روزو قَضا ڪندي ڏٺو۔ ڪجهه ڀيرا (رَمَضان) مُبارَڪ ۾ به بيماري هوندي هئي پر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روزو نه ڇڏيو، جيڪڏهن ڪنهن زور ڀري عَرض به ڪيو ته اهڙي حالت ۾ روزي سان ڪمزوري ويتر وڌندي ته اَرشاد فرمايائون: مَريض آهيان ته عِلاج نه ڪيان؟ ماڻهو حيرت مان چوندا هئا ته روزو به ڪو عِلاج آهي۔ اَرشاد فرمايائون: