Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

مُصْطَفٰے کا وہ لاڈلا پیارا                                                     واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

غوثِ اعظم کی آنکھ کا تارا                                              واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! پيڪرِ سنّت، سيّدي اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مٺي کيرڻي کان اڳ ۾ ۽ پوءِ ان ڪري نمڪين چٽڻي استعمال فرمائيندا هئا جو کاڌي جي شروع ۽ بعد ۾ لوڻ استعمال ڪرڻ جي سنّت ادا ٿي وڃي کاڌي کان اڳ ۾ ۽ پوءِ لوڻ (يا نمڪين شيءِ) کائڻ سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ستر بيماريون ختم ٿي وينديون آهن۔ (فيضانِ سنّت، ص ۶۵۹) الله پاڪ جو فضل ۽ احسان آهي جو ان اسان گناهگارن کي دامنِ رضا سان وابسته هئڻ ۽ اعليٰ حضرت جي صدقي ۾ دامنِ مُصطَفٰي عطا فرمايو پر اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسان پياري پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن کان پاسو ڪري رهيا آهيون، سنتون ادا ڪندي شرمايون ٿا،  هڪ دور هو جو جڏهن بيهي کائڻ يا کارائڻ نهايت ئي بُرو سمجھيو ويندو هو پر هاڻي ائين ڪرڻ ڄڻ ته هڪ فيشن (Fashion) بڻجندو پيو وڃي، هڪ دور هو جو جڏهن کاٻي هٿ سان کائڻ پيئڻ کي عيب شمار ڪيو ويندو هو ۽ هڪدم اِصلاح ڪئي ويندي هئي جڏهن ته اڄ کاٻي هٿ سان کاڌو کائڻ ڏيڻ وٺڻ واري کي ”ننڍپڻ جي عادت“ چئي ٽاريو ويندو ۽ اِصلاح ڪرڻ وارن کي سٺو ناهي سمجهيو ويندو، هڪ دور هو جو جڏهن هڪ هڪ گرھ جو قدر ڪيو ويندو هو ۽ ٿانوء کي صاف ڪري کاڌي کي ضائع ٿيڻ کان بچايو ويندو هو پر هاڻي تمام گھڻو کاڌو ڄاڻي واڻي ضائع ڪيو ويندو آهي، هڪ دور هو ته جڏهن مسلمانن جو ٻار ٻار سنتن جو شيدائي هوندو هو، پر هاڻي سُنّتن تي عمل جو جذبو ختم ٿيندو پيو وڃي، هڪ دور هو ته جڏهن ناجائز فيشن ڪرڻ کي هر ڪوئي بُرو سمجھندو هو پر هاڻي ان کي فخر جو سبب سمجھيو ويندو آهي، هڪ دور هو جو جڏهن سُنتون اپنائڻ وارن کي هر