Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

هليو ويو، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھيو ٿي ته مسجد جي حاضري ۽ جماعت جي پابندي ترڪ ڪئي وڃي۔ جڏهن ظهر جو وقت آيو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وضو ڪيو بيهي نه سگھندا هئا ويهي ٻاهر دروازي تائين آيا ماڻهن ڪرسي تي ويهاري مسجد ۾ پهچايو ۽ ان وقت پاڙي وارن ۽ خاندان وارن اهو طئي ڪيو ته هر اذان کان پوءِ اسان سڀني مان چار مضبوط ماڻهو ڪرسي کڻي حاضر ٿي ويندسين ۽ پلنگ تان ئي ڪرسي تي ويهاري مسجد جي محراب جي ويجھو ويهاريندا۔ اهو سلسلو تقريبًا هڪ مهيني تائين وڏي پابندي سان هلندو رهيو جڏهن زخم درست ٿي ويو ۽ پاڻ خود هلڻ لائق ٿيا ته اهو سلسلو ختم ٿيو۔ اعليٰ حضرت جي نماز ته نماز آهي سندن جماعت جو ترڪ به بلاعُذرِ شرعي شايد ڪنهن شخص کي ياد نه هوندو۔ (فيضان اعلي حضرت ، ۱۳۶)

جس نے دیکھا انہیں عقیدت سے                               قلب کی آنکھ سے محبّت سے

مرحبا مرحبا پکار اٹّھا                                                   واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

                                                صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي باجماعت نماز سان ڪيتري مَحَبَّت هئي جو ڪنهن حال ۾ جماعت ڇڏڻ پسند نه هو، باجماعت نماز سان سندن مَحَبَّت جو عالم ته ڏسو ته پير ۾ شديد زخم سبب هلڻ ۾ دُشواري آهي پر پوءِ به مسجد ۾ وڃي باجماعت نماز ادا ڪري رهيا آهن۔ بيان ڪيل واقعن ۾ انهن نادانن جي لاءِ عبرت جا مدني گل موجود آهن جيڪي نماز جي وقتن ۾ گلي جي ڪنڊن، چوڪن ۽ دڪانن تي ويهي فضول ڳالهين ۾ مشغول رهن ٿا، دڪاندارن، دفترن ۾ ڪم ڪرڻ وارن، رڪشو، ٽيڪسي (Taxi) ۽ بسون هلائڻ ۽ ٺيلو (ريڙهو) لڳائڻ وارن جي لاپروائي جو اهو عالم آهي جو اَذانون ٿي وينديون آهن، نماز جو وقت ختم ۽ ٻي نماز جو وقت اچي ويندو آهي پر افسوس! اهي نادان پنهنجي جڳھ تان چُرندا ئي ناهن، اهڙي طرح ڪيئي ماڻهو سُستي جو مظاهرو ڪندي بغير جماعت جي يا وري