Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

گھر ۾ ئي پڙھي وٺندا آهن۔ ياد رکو! هر عاقل، بالغ، حُر (آزاد)، قادر(قدرت رکڻ واري) تي (ٻين شرطن سان گڏ) جماعت واجب آهي، بغير ڪنهن عذر جي هڪ ڀيرو ڇڏڻ وارو گنهگار ۽ سزا جو حقدار آهي ۽ ڪيئي ڀيرا ڇڏڻ وارو ته فاسِق مَردُوۡدُ الشَّهادة (يعني ان جي گواهي مقبول ناهي) ۽ ان کي سخت سزا ڏني ويندي۔ (بهارِشريعت،حصه سوم،۱/۵۸۲)

حضرت سَيدُنا ابو هريره رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي، مڪي مدني سلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: منافقن تي سڀ کان وڌيڪ ڏکي عشاء ۽ فجر جي نماز آهي ۽ انهن کي خبر هجي ها ته ان ۾ ڇا آهي؟ ته گِھلجندي اچن ها ۽ بيشڪ مون ارادو ڪيو ته نماز قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيان پوءِ ڪنهن کي حڪم ڪيان ته ماڻهن کي نماز پڙھائي ۽ مان پاڻ سان گڏ ڪجھ ماڻهن کي جن وٽ ڪاٺين جون ڀريون هجن، انهن وٽ وٺي وڃان، جيڪي نماز ۾ حاضر نٿا ٿين ۽ انهن جا گھر انهن تي باھ سان ساڙي ڇڏيان۔

(مسلم، ڪتاب المساجد ومواضع الصلاة،باب فضل صلاة الجماعة۔۔۔الخ،ص۲۵۶،حديث:۱۴۸۲)

جيڪڏهن اسان مان ڪنهن کي ائين چيو وڃي ته اوهان پنهنجو مال هتي وڪڻندو ته ڏھ گنا فائدو ٿيندو جڏهن ته ٻئي شهر ۾ ان تي 27 گنا فائدو ٿيندو، ته يقيناً اسان مان هر هڪ جي اها ئي ڪوشش هوندي ته ان کي ٻي شهر کڻي وڪرو ڪري۔ ٿورو سوچيو! دنياوي ۽ عارضي فائدي جي خاطر پري پري تائين سفر ڪرڻ جي لاءِ به اسان جو ذهن بڻجي ويندو آهي، پر هاءِ! ڪجھ قَدَم هلي مسجد ۾ اچي باجماعت نماز اَدا ڪري 27 گُنا ثواب ڪمائڻ جو ذهن ناهي بڻجندو۔ جي ها! جماعت سان نماز پڙھڻ اڪيلو نماز پڙھڻ کان 27 درجا وڌيڪ افضل آهي، جيئن

حُضورِ پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: صَلَاة الْجَمَاعَة تَفْضُلُ صَلَاة الْفَذِّ بِسَبْعٍ وَعِشْرِينَ دَرَجَة يعني باجماعت نماز ادا ڪرڻ، اڪيلو نماز پڙھڻ کان ستاويھ درجا وڌيڪ فضيلت رکي ٿي۔ (بخاري، ڪتاب الاذان، باب فضل صلاة الجماعة ،۱/۲۳۲، حديث:۶۴۵)