Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

وات مان ڪرائيندا هئا. ٭ قبلي ڏانهن منهن ڪري ڪڏهن نه ٿڪندا هئا. ٭ نه ئي قبلي ڏانهن پير مبارڪ ڊگھيڙيندا هئا. ٭ پنج وقت جي نماز مسجد ۾ باجماعت ادا ڪندا هئا. ٭ فرض نماز عمامي سان پڙھندا هئا. ٭ مسواڪ ڪندا هئا ۽ مٿي مبارڪ ۾ تيل به لڳرائيندا هئا. ٭ سندن ظاهر ۽ باطن هڪ هو جيڪو ڪجھ سندن دل ۾ هوندو هو اهو ئي زبان پاڪ سان ادا ڪندا هئا ۽ جيڪو ڪجھ زبان سان چوندا هئا ان تي سندن عمل هوندو هو. ٭ جڏهن ڪنهن سني عالم سان ملاقات ٿيندي هئي ان کي ڏسي گھڻو خوش ٿيندا هئا ۽ ان جي اهڙي عزت ۽ قدر ڪندا هئا جنهن جي لائق هو پاڻ کي نه سمجھندو هو. ٭ ڪاشانه اقدس کان ڪو سوالي خالي واپس نه ويندو هو. ٭ حديثن جي ڪتابن تي ٻيا ڪتاب نه رکندا هئا. ٭ مجلسِ ميلاد شريف ۾ ذڪرِ ولادت شريف جي وقت صلوٰة وسلام پڙھڻ جي لاءِ بيهندا هئا باقي شروع کان آخر تائين ادباً گوڏن ڀر ويهندا هئا. (فیضانِ اعلیٰ حضرت، ص۱۱۴، ۱۱۵) ٭ ڪا به شيء ڏيڻ وٺڻ ۾ ساڄو هٿ ئي اِستِعمال ڪندا هئا جيڪڏهن، ڪڏهن وٺڻ واري پنهنجو کاٻو هٿ اڳتي وڌايو ته پاڻ هڪدم هٿ مُبارَڪ روڪي فرمائيندا هئا ته ساڄي هٿ ۾ وٺو ڇوته کاٻي هٿ ۾ شيطان وٺندو آهي۔ (فیضانِ اعلیٰ حضرت، ص۱۱١)  ٭ سندن وصال 25 صفر 1340ھ 18 اڪٽوبر 1921 ۾ ٿيو۔ (فيضان اعلي حضرت ،ص ۶۳۱) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مَسجدن جو گھڻو اَدب ڪندا هئا. ٭ مسجد ۾ داخِل ٿيڻ مهل هميشه ساڄو قدم پهريان داخِل ڪندا هئا. ٭ جڏهن ته ٻاهر اچڻ مهل پهريان کاٻو قدم جوتي جي مٿئين حصي تي رکي پوءِ ساڄي پير ۾ جوتو پائي کاٻي پير ۾ جوتو پائيندا هئا (ته جيئن سُنّت مُطابِق عمل ٿي وڃي) ٭ هڪ ڏينهن نمازِ فجر ادا ڪرڻ جي لاءِ خلافِ مَعمُول اعليٰ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ٿوري دير ٿي وئي، نمازين جون نگاهون، هر هر ڪاشانه اَقدس ڏانهن نهاري رهيون هيون ته انهيء اِنتظار ۾ جلدي جلدي تشريف کڻي آيا، ان جلدي جي ڪيفيت ۾ اتّباعِ سنّت جو عالَم هي هو جو مسجد جي دروازي جي ڏاڪڻ تي جنهن وَقت سندن قدم مُبارَڪ پهتو ته ساڄو، مسجد جي نئين فرش ۽ پُراڻي فَرش تي قدم پهتو ته ساڄو، اڳتي مَسجد جي صحن ۾