Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

هڪ صَف وڇايل هئي ان تي به قدم رکيو ته ساڄو ۽ انهيءَ تي بَس ناهي هر صَف تي پهريان ساڄو ئي قدم رکيائون، ايستائين جو محراب ۾ مُصَلّٰي تي به ساڄو ئي قدم رکيائون۔ (فیضانِ اعلیٰ حضرت ۱۲۰ بتغیر)

امير ِاهلسنّتدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ”وسائل بخشش“ ۾ تحرير فرمائن ٿا:

اس کی ہستی میں تھا عمل جوہر                                          سُنّتِ مُصْطَفٰے کا وہ پیکر

عالِمِ دین، صاحبِ تقویٰ                                                  واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  خانداني لحاظ کان پٺاڻ. مسلڪ جي لحظ کان حنفي ۽ طريقت جي لحاظ کان قادري هئا. ياد رهي! حنفي، امامِ اعظم جي، شافعي، امام شافعي جي، حنبلي امام احمد بن حنبل جي ۽ مالڪي امام مالڪ (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم) جي پيروي ڪرڻ وارن کي چوندا آهن. انهن سڀني جا نظريه قرآن ۽ حديث جي عين مطابق ۽ هڪ ئي آهن، اهي پاڻ ۾ ڀائرن وانگر ئي آهن، البت شرعي مسئلن (جيئن نماز، روزه، زڪوٰة وغيره جي مسئلن) ۾ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ انهن پنهنجون پنهنجون تحقيقون بيان ڪيون آهن، ته اهي امت جا آئمه (امام) ٿيا ۽ امت کي عالمن جي پيروي جو حڪم ڏنو ويو پوءِ امت انهن جي پيروي ڪئي، ان ڪري حنفي، شافعي، مالڪي ۽ حنبلي چورايا. اهڙي طرح پنهنجي باطن جي اصلاح، دين ۽ شريعت تي عمل پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪرڻ، نيڪ ماڻهن جي نسبت ماڻڻ ۽ انهن جي طريقيڪار تي هلندي، قرآن ۽ حديث جي تعليم کي اپنائڻ جي لاءِ امت مختلف بزرگن جو دامن پڪڙيو ته اهي قادري، چشتي، سهروردي، نقشبندي، چورايا. اهي سڀ جا سڀ الله پاڪ جا ٻانها ۽ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا امتي، اهلبيت ۽ صحابه سان محبت ڪندڙ“ اولياء ۽ علماء جا چاهيندڙ آهن  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد