Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

اڃان به گھٽجي فقط هڪ پيالي ٻڪري جي گوشت جو شوربو بِغير مرچ جو ۽ هڪ ڏيڊ بسڪٽ (Biscuit) سُوجي جو کائيندا هئا، مطلب ته کائڻ پيئڻ جي مُعاملي ۾ پاڻ نهايت ساده هئا۔ (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۱۳) اهڙي طرح روزو رکڻ اوهان کي گھڻو پسند هو، ڪيتري ئي بيماري هجي، چاهي وڏي ڪمزوري هجي (رمضان جو) روزو ڪڏهن نه ڇڏيائون، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ڀائٽو ۽ خليفو مَولانا حَسَنَين رَضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: روزي جي قَضا جي باري ۾ نه سندن جي ڪنهن وڏي جي زَباني ٻڌو نه ڪنهن برابر واري ٻڌايو، نه اسان ننڍن ڪڏهن مُبارَڪ مهيني جو ڪو روزو قَضا ڪندي ڏٺو۔ ڪجهه ڀيرا (رَمَضان) مُبارَڪ ۾ به بيماري هوندي هئي پر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روزو نه ڇڏيو، جيڪڏهن ڪنهن زور ڀري عَرض به ڪيو ته اهڙي حالت ۾ روزي سان ڪمزوري ويتر وڌندي ته اَرشاد فرمايائون: مَريض آهيان ته عِلاج نه ڪيان؟ ماڻهو حيرت مان چوندا هئا ته روزو به ڪو عِلاج آهي۔ اَرشاد فرمايائون: اِڪسِير عِلاج آهي، منهنجي آقا مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ٻڌايل آهي۔ اِرشاد آهي: صُوْمُوا تَصِحُّوا يعني روزو رکو تَندُرُست ٿي ويندو۔ (معجم اوسط،۶ /۱۴۶، حديث: ۸۳۱۲) جڏهن 1339 هجري جو ماه رَمَضان مئي،جون1921 ۾ آيو ۽ لاڳيتو بيماري ۽ شديد ڪمزوري سبب اعليٰ حضرت (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) پنهنجي اندر گرمي جي موسم ۾ روزو رکڻ جي طاقت نه ڏٺائون ته پنهنجي حق ۾ اها فتويٰ ڏنائون ته جبل تي سردي هوندي آهي اتي روزو رکڻ ممڪن آهي لهٰذا روزو رکڻ جي لاءِ اتي وڃڻ استِطاعت جي سبب فَرض ٿي ويو۔ پوءِ اعلٰي حضرت روزو رکڻ جي ارادي سان ڪوه ڀوالي ضلعو نيني تال تشريف کڻي ويا۔ (تجلياتِ امام احمد رضا، ص۱۳۳ملخصاً) ۽ ائين به نه هو ته روزن ۾ پيٽ ڀري کاڌو کائڻ سندن جي معمول ۾ هو، عام ڏينهن ۾ جيتري غذا اوهان کائيندا هئا رمضان ۾ اها اڃا گھٽ ٿي ويندي هئي، جيئن

روزي ۾ هڪ وقت کائڻ

 خليفه اعليٰ حضرت، حضرت مَولانا محمد حُسين ميرٺي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته مون رمضان المبارڪ جي 20 تاريخ کان اعتڪاف ڪيو. اعلى حضرت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا ته فرمايائون، ” دل ته چاهي ٿي ته