Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

مان به اعتڪاف ڪريان، پر (ديني مصروفيتن جي سبب) فرصت نه ٿي ملي“. آخر 26 رمضان المبارڪ تي فرمايائون،”اڄ کان مان به معتڪف ئي ٿي وڃان“. حضرت مولانا محمد حسين ميرٺي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا،”شام جو کجور وغيره سان روزو ته افطار فرمائيندا هئا پر اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي کاڌو کائيندي مون ڪنهن ڏينهن به نه ڏٺو. سَحَريءَ جي لاءِ رُڳو هڪ ننڍڙي پيالي ۾ کيرڻي ۽ هڪ پيالي ۾ چٽڻي ايندي هئي،  اها نوش فرمائيندا هئا.“ هڪ ڏينهن مون پڇيو، ”حضور! کيرڻي ۽ چٽڻيءَ جو ڇا جوڙ؟ “فرمايائون،” لوڻ سان کاڌو شروع ڪرڻ ۽ لوڻ تي ئي ختم ڪرڻ سنّت آهي.“ان لاءِ چٽڻي ايندي آهي. (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۱۳ ملتقطا ًً)

مُصْطَفٰے کا وہ لاڈلا پیارا                                                     واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

غوثِ اعظم کی آنکھ کا تارا                                              واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! پيڪرِ سنّت، سيّدي اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مٺي کيرڻي کان اڳ ۾ ۽ پوءِ ان ڪري نمڪين چٽڻي استعمال فرمائيندا هئا جو کاڌي جي شروع ۽ بعد ۾ لوڻ استعمال ڪرڻ جي سنّت ادا ٿي وڃي کاڌي کان اڳ ۾ ۽ پوءِ لوڻ (يا نمڪين شيءِ) کائڻ سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ستر بيماريون ختم ٿي وينديون آهن۔ (فيضانِ سنّت، ص ۶۵۹) الله پاڪ جو فضل ۽ احسان آهي جو ان اسان گناهگارن کي دامنِ رضا سان وابسته هئڻ ۽ اعليٰ حضرت جي صدقي ۾ دامنِ مُصطَفٰي عطا فرمايو پر اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسان پياري پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن کان پاسو ڪري رهيون آهيون، سنتون ادا ڪندي شرمايون ٿيون،  هڪ دور هو جو جڏهن بيهي کائڻ يا کارائڻ نهايت ئي بُرو سمجھيو ويندو هو پر هاڻي ائين ڪرڻ ڄڻ ته هڪ فيشن (Fashion) بڻجندو پيو وڃي، هڪ دور هو جو جڏهن کاٻي هٿ سان کائڻ پيئڻ کي عيب شمار ڪيو ويندو هو ۽ هڪدم اِصلاح ڪئي ويندي هئي جڏهن ته اڄ کاٻي هٿ سان کاڌو کائڻ ڏيڻ وٺڻ واري کي ”ننڍپڻ جي عادت“ چئي ٽاريو ويندو ۽ اِصلاح ڪرڻ وارن کي سٺو ناهي سمجهيو ويندو، هڪ دور هو جو جڏهن هڪ هڪ گرھ جو قدر ڪيو ويندو هو ۽ ٿانوء کي صاف ڪري کاڌي