Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

کي ضائع ٿيڻ کان بچايو ويندو هو پر هاڻي تمام گھڻو کاڌو ڄاڻي واڻي ضائع ڪيو ويندو آهي، هڪ دور هو ته جڏهن مسلمانن جو ٻار ٻار سنتن جو شيدائي هوندو هو، پر هاڻي سُنّتن تي عمل جو جذبو ختم ٿيندو پيو وڃي، هڪ دور هو ته جڏهن ناجائز فيشن ڪرڻ کي هر ڪوئي بُرو سمجھندو هو پر هاڻي ان کي فخر جو سبب سمجھيو ويندو آهي، هڪ دور هو جو جڏهن سُنتون اپنائڻ وارن کي هر هنڌ عزت ڏني ويندي هئي، انهن جي حوصله افزائي ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي پابندِ سنت اسلامي ڀائرن کي طرح طرح سان ستايو ويندو آهي، تمام گھڻو مذاق اڏايو ويندو آهي، انهن جي دل ڏکائي ويندي ۽ انهن کي عجيب و غريب لقبن سان پڪاريو ويندو آهي۔

وہ دور آیا کہ دیوانۂ نبی کے لیے             ہر ایک ہاتھ میں پتھر دکھائی دیتا ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني دورو“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! فيضانِ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان مالا مال عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي هن وَيَل دور ۾ به فيضانِ رضا کي عام ڪرڻ ۽ فيشن وارن مسلمانن کي سُنتن تي آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري رهي آهي۔ لهٰذا فيضان اعليٰ حضرت سان فيضياب ٿيڻ ۽ سنتون اپنائڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن ۾ جيترو ٿي سگھي وقت ضرور ڏيو۔ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم” مدني دورو“ به آهي۔ جنهن جي ذريعي اسلامي ڀينرن کي گهر گهر وڃي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي. هفتي جو ڪو هڪ ڏينهن مقرر ڪري جڳهه بدلي بدلي”مدني دوري“ جي ذريعي نيڪي جي دعوت جي سعادت حاصل ڪيو. گهٽ ۾ گهٽ 7 اسلامي ڀينرون(جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڏي عمر واري ضرور هجي) پنهنجي ذيلي حلقي يا حلقي جي اطراف ۾(پردي جي احتياط سان گڏ ) گهر گهر وڃي 72 منٽ”مدني دوري“ جي ترڪيب بڻايو. ۽ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو اچو دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي جي هڪ مدني بهار ملاحظه ڪريو جيئن ته