Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

پرديدار رهڻ جي عادت بڻجي وئي

پنجاب ۾ مقيم اسلامي ڀيڻ کي جيستائين دعوت اسلامي جو مدني ماحول نه مليو هو، شيطان جي ڌوڪي ان کي هدايت کان ڀٽڪائي رکيو هو ۽ دنيا جون فاني شيون ان جي اڳيان سينگاري ڇڏيون هون. حقيقي معنٰي ۾ ڇا چڱو ڇا بروآهي، قبر ۽ آخرت جي ڀلائي ڪهڙن ڪمن ۾ پوشيده آهي ان جو شعور هن کي هڪ اسلامي ڀيڻ ڏياريو جنهن کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول مان تربيت حاصل ٿيل هئي. اسلام جي خاصيتن مان اهو به آهي ته جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪيو وڃي اهو ئي ٻين جي لاءِ به پسند ڪيو وڃي. تنهنڪري اسلامي تعليم حاصل ڪيل ان اسلامي ڀيڻ هن نئين اسلامي ڀيڻ کي به مدني ماحول ۾ اچڻ ۽ پنهنجي زندگي کي قرآن ۽ سنت جي واٽ تي هلائڻ جو مدني ذهن ڏنو ۽ ان ڪم جو آغاز ڪرڻ جي لاءِ هفته وار سنتنن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو مدني مشورو ڏنو. ان جي هن نيڪي جي دعوت تي هن اسلامي ڀيڻ جو دل نيڪي ڏانهن مائل ٿي ويو. اهڙي نموني ان جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو سامان ٿي ويو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهي اجتماع ۾ شريڪ ٿيون ۽ اتي ٿيڻ واري بيان ۽ ذڪر ۽ دعا جي برڪتن سان اهي خوب خوب فيضياب ٿيون. هن اجتماع جي برڪت سان ان جي دل ۾ هدايت جو ٻوٽو پيدا ٿيو، جيڪو آهستي آهستي مدني ماحول جي پاڪيزه فضائن ۾ وڏو ٿيندو ويو پوءِ هڪ ڀيري جڏهن انهن شيخِ طريقت اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو دردناڪ بيان بنام”گانن باجن جون هولناڪيون“ ٻڌو، جنهن جو اثر ڪجهه هيئن ظاهر ٿيو جو ان کي پنهنجي سمورن گناهن کان توبهه جي توفيق ملي وئي، پرديدار رهڻ جي عادت ان ۾ شامل ٿي وئي ۽ سنتِ رسول سان محبت ان جي رڳ رڳ ۾ گهر ڪري وئي. پنجئي نمازون پابنديءَ سان پڙهڻ لڳيون ۽ آخرت جي لاءِ ثواب گڏ ڪرڻ لڳيون. ’’ اَمْر بِالْمَعرُوف و نَہْیٌ عَنِ الْمُنْکَر‘‘ جو اهڙو جذبو پيدا ٿيو جو تنظيمي ترڪيب جي مطابق تحصيلِ مشاورت جي ذميداره جي منصب تي وڃي پهتيون ۽ اسلاف جي سنتن تي عمل ڪندي دين جي خدمت لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن. (اداڪاري جو شوق ڪيئن ختم ٿيو. ص 21) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! صوفياءِ ڪرام شريعتِ مطهره جي پيروي ڪرڻ وارا، خواهشاتِ نفس کي مٽائڻ وارا، فرضن ۽ واجبن جي پابندي