Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

ڪرڻ وارا ۽ عشقِ رسول کي پنهنجي سيني ۾ سمائڻ وارا هوندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهڙا صوفي هئا، جن ۾ اهي تمام خوبيون موجود هيون ۽ پاڻ فرضن ۽ واجبن جي پابندي جو خوب اهتمام ڪندا هئا. اچو! هن باري ۾ دورِ رضا جا ٻه ايمان افروز واقعا ٻڌون ٿيون:

سفر  ۽ قيام ۾ باجماعت نماز جو اهتمام

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سفر ۽ حضر، صحت ۽ بيماري هر حال ۾ جماعت سان نماز ادا ڪرڻ ضروري سمجهدا هئا۔ جيڪڏهن ڪنهن گاڏي مان سفر ڪرڻ ۾ وقتِ نماز اسٽيشن تي نه ملندو هو ته پاڻ ان گاڏي ۾ سفر ئي نه ڪندا هئا ۽ ٻي گاڏي اختيار ڪندا هئا يا باجماعت نماز جي لاءِ ڪنهن اسٽيشن (Station) تي لهي ويندا هئا ۽ ان گاڏي کي ڇڏي ڏيندا هئا پوءِ باجماعت نماز ادا ڪرڻ کان بعد جيڪا گاڏي ملندي هئي باقي سفر ان ۾ پورو ڪندا هئا۔ (فيضان اعلي حضرت ، ۱۳۶)

نماز سان محبت جو حال

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پير جو آڱوٺو پچي پيو، سندن خاص جراح (زخمن جو علاج ڪرڻ وارو) (جيڪو شهر ۾ سڀ کان تجربيڪار جراح هو ان) هن آڱوٺي جو آپريشن ڪيو، پٽي ٻڌڻ کان پوءِ ان عرض ڪيو: حضور جيڪڏهن حرڪت نه ڪندو ته اهو زخم ڏهن ٻارهن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو نه ته وڌيڪ وقت لڳندو اهو هي چئي هليو ويو، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھيو ٿي ته مسجد جي حاضري ۽ جماعت جي پابندي ترڪ ڪئي وڃي۔ جڏهن ظهر جو وقت آيو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وضو ڪيو بيهي نه سگھندا هئا ويهي ٻاهر دروازي تائين آيا ماڻهن ڪرسي تي ويهاري مسجد ۾ پهچايو ۽ ان وقت پاڙي وارن ۽ خاندان وارن اهو طئي ڪيو ته هر اذان کان پوءِ اسان سڀني مان چار مضبوط ماڻهو ڪرسي کڻي حاضر ٿي ويندسين ۽ پلنگ تان ئي ڪرسي تي ويهاري مسجد جي محراب جي ويجھو ويهاريندا۔ اهو سلسلو تقريبًا هڪ مهيني تائين وڏي پابندي سان هلندو رهيو جڏهن زخم درست ٿي ويو ۽ پاڻ خود هلڻ لائق ٿيا ته اهو سلسلو ختم ٿيو۔ اعليٰ حضرت جي نماز ته نماز آهي سندن جماعت جو ترڪ به بلاعُذرِ شرعي شايد ڪنهن شخص کي ياد نه هوندو۔ (فيضان اعلي حضرت ، ۱۳۶)