Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

۾ بَرَڪت وڌائي ته ان کي گھرجي ته جڏهن کاڌو حاضر ڪيو وڃي ته وضو ڪري ۽ جڏهن کنيو وڃي تڏهن به وضو ڪري۔(سنن ابن ماجه، حديث 3260، ج 4 ص 9) حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيۡه لکن ٿا؛ هن (يعني کاڌي جي وضو) جي معنيٰ آهي هٿ منهن جي صفائي ڪرڻ، هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 32) ٭  کائڻ کان اڳ ۾ جوتا لاهي ڇڏيو۔ کائڻ کان پهريان بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ پڙهو۔ ٭ جيڪڏهن کاڌي جي شروع ۾ بِسْمِ اللہِ پڙهڻ وسري وڃي ته ياد اچڻ تي بِسْمِ اللہِ اَوَّلَہٗ وَاٰخِرَہٗ پڙهي ڇڏيو۔ ٭ کاڌي کان پهريان هيءَ دعا پڙهي وڃي ته جيڪڏهن کاڌي ۾ زهر به هوندو تڏهن به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪو اثر نه ڪندو؛ ”بِسْمِ اللہِ الَّذِیْ لَا یَضُرُّ مَعَ اسْمِہٖ شَئٌ فِی الْاَرْضِ وَ لَا فِی السَّمَآءِ یَا حَیُّ یَا قَیُّوْمُ ترجمو؛ الله جي نالي سان شروع ڪيان ٿي جنهن جي نالي جي برڪت سان زمين ۽ آسمان جي ڪا شيء نقصان نه ٿي پهچائي سگهي۔ اي هميشہ کان زندهه ۽ قائم رهڻ وارا۔ (فردوس الاخبار ،حديث:۱۹۵۵،۱/ ۲۷۴) ٭ ساڄي هٿ سان کائو۔ ٭ پنهنجي سامهون واري پاسي کان کائو۔ ٭ کاڌي مان ڪنهن به قسم جو عيب نه ڪڍو مثال طور هيئن نه چئو ته مزيدار ناهي، ڪچو آهي، ڦڪو آهي ڇو ته کاڌي مان عيب ڪڍڻ مڪروهه ۽ سنّت جي خلاف آهي بلڪ دل چوي ته کائو نه ته هٿ روڪي ڇڏيو۔ اعليٰ حضرت،امامِ اهلِ سُنّت مولانا شاه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيۡه لکن ٿا: کاڌي مان عيب ڪڍڻ پنهنجي گھر ۾ به نه ڪڍڻ گھرجي، مڪروه وخلافِ سنت آهي۔ (سرڪارِ دو عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي) عادتِ ڪريمه اها هئي ته پسند آيو ته تناوُل فرمائيندا هئا، نه ته ڇڏي ڏيندا هئا ۽ پَرائي گهر عيب ڪڍڻ (ان ۾) مسلمانن جي دل آزاري آهي ۽ وڏي هوَس ۽ بي مروتي جي انتها جو دليل آهي۔ (فتاويٰ رضويه ،۲۱/۶۵۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ