Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

ايندڙ هفته وار اجتماع جي بيان جون جهلڪيون

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ايندڙ هفته وار اجتماع جي بيان جو موضوع آهي ”آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امّت سان محبت“ جنهن ۾ اسان ٻڌنديون سين ته اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي امت سان ڪيتري محبت آهي. اهو به ٻڌنديون سين ته بروزِ قيامت پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ امت جي فڪر ۾ ڪيتري قدر غمگين هوندا، ۽ ڪيئن پنهنجي گنهگار امتين جي بگڙيل بڻائيندا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ امتِ مصطفٰي تي دنيا ۾ جيڪي عنايتون ٿيون ۽ جيڪي آخرت ۾ ٿينديون انهن جون ڪجهه جهلڪيون به بيان ٿينديون، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ۾ پنهنجي ڪمزور امت کي ڪيترو ياد فرمايو ۽ امت جي ياد ۾ ڪيتري قدر گريه و زاري فرمائيندا رهيا هن باري ۾ به ٻڌنديون سين، بيان جي آخر ۾ بزرگانِ دين جي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن سان محبت جا ڪجهه ايمان افروز واقعا به بيان ٿيندا. تنهنڪري ايندڙ اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين اسلامي ڀينرن کي به گڏ آڻڻ جي ڪوشش ڪيو.  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد