Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جو بيان اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي تصوف جي واقعن تي مشتمل آهي، سڀ کان پهريان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيعت ۽ خلافت جو هڪ دلچسپ واقعو، اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف (Introduction) ۽ سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون بيان ٿينديون، اعليٰ حضرت کي باجماعت نماز سان ڪيتري محبت هئي، کين توڪل ۽ قناعت ۾ ڪيتري وڏي رُتبي تي پهتل هئا، هن حوالي سان سندن سيرت جا ڪجھ واقعا به اسان ٻڌنديون سين، خلافِ شرع ڪمن کي طريقت جو نالو ڏيڻ وارن جي باري ۾ عالم سڳورن جيڪي ارشاد بيان فرمايا آهن، اهي به هن بيان ۾ اسان ٻڌنديون سين۔ الله ڪري ته اسان دِلجمعي سان اوّل کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيعت ۽ خلافت  

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي رسالي ’’پیر پر اِعتراض منع