Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

ہے‘‘ جي صَفحي نمبر 47 تي آهي: اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايڪويهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد ماجد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ حضرت شاھ آل رسول مارهري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ سلسلهء عاليه قادريه ۾ انهن کان بيعت ڪئي، انهن جي ڪامل مرشد (اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي مريد بڻائڻ سان گڏو گڏ) تمام سلسلن جي اجازت ۽ خلافت ۽ حديث جي سند به عطا فرمائي. حالانڪ حضرت شاھ آل رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خلافت ۽ اجازت جي معاملي ۾ گھڻا محتاط هئا، پر جڏهن  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي مريد ٿيندي ئي تمام سلسلن جي اجازت ملي ته خانقاھ جي هڪ خادم کان نه رهيو ٿيو، عرض ڪيائين حضور! توهان جي خاندان ۾ ته خلافت وڏي رياضت ۽ مجاهدي کان پوءِ ڏني ويندي آهي، هن کي اوهان فوراً خلافت عطا فرمائي ڇڏي، حضرت شاھ آل رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان شخص کي ارشاد فرمايو: ماڻهو گنديون دليون ۽ گندا نفس کڻي ايندا آهن، انهن جي صفائي تي ڪافي وقت لڳندو آهي، پر هي پاڪيزگي واري نفس سان آيو هو. صرف نسبت جي ضرورت هئي، اها اسان عطا ڪري ڇڏي. پوءِ حاضرين کي مخاطب ٿي ڪري فرمايائون، مون کي ڪافي عرصي کان هڪ فڪر پريشان ڪري رهيو هو. الحمد لله عَزَّوَجَلَّ اهو اڄ دور ٿي ويو، قيامت ۾ جڏهن الله پاڪ پڇندو ته آل رسول! اسان جي لاءِ ڇا آندو اٿئي؟ ته مان پنهنجي مريد احمد رضا خان کي پيش ڪري ڇڏيندس، پوءِ حضرت شاھ آل رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اهي تمام اعمال و اشغال(وظيفه) عطا فرمائي ڇڏيا، جيڪي خاندانِ برڪاتيه ۾ سينه بسينه هليا پئي آيا.

عاشقِ اعلٰي حضرت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مجموعه ڪلام ”وسائلِ بخشش“ ۾ فرمائن ٿا:

جو ہے اللہ کا ولی بے شک       عاشقِ صادقِ نبی بے شک 

غوثِ اعظم کا جو ہے مَتوالا       واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته! اسان جا اعليٰ حضرت، امامِ