Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تصوف جي ڪيتري قدر عظيم رتبي تي پهتل هئا، حالانڪ 21 سالن جي ڦوھ جواني ۾ ته اُميدون جوان هونديون آهن، چئني پاسن کان خواهشن جو هجوم هوندو آهي، دنيوي عيش ۽ لذتن سان لطف اندوز ٿيڻ معمول بڻجي ويندو آهي، نفس ۽ شيطان پوري طاقت سان انسان کي فڪر آخرت ۽ نيڪ عملن کان غافل ڪري ان جي قبر ۽ آخرت کي تباھ ڪرڻ ۾ مصروف (Busy) رهندا آهن، انسان تي مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ ۽ بينڪ بيلنس وڌائڻ جو جنون سوار رهندو آهي، مطلب ته هن عمر ۾ انسان عام طور الله پاڪ جي ياد کان غافل رهندو آهي پر قربان وڃجي! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي! جن جواني جي نعمت جي قدر ڪندي انهن تمام بُرائين کان پنهنجي دامن ۽ پنهنجي باطن کي پاڪ ۽ صاف رکيائون، ننڍپڻ کان ئي زُهد ۽ تقويٰ کي اختيار ڪيائون ۽ سنت جي مطابق زندگي گذاريائون، ان ڪري جڏهن پاڻ پنهنجي چمڪدار باطن سان حضرت شاه آلِ رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ته انهن پنهنجي نورِ فراست سان اوهان جي باطن کي ملاحظه فرمائي ورتو ۽ هٿوهٿ اوهان کي اجازت ۽ خلافت ۽ سندِ حديث عطا فرمائي، هنن تمام انعامن ۽ اڪرامن سان نوازڻ کان بعد اوهان جي پير ومرشد پنهنجي هن ڪامل مريد جي شان ۽ عظمت کي هن طرح روشن فرمايو ته قيامت ۾ جڏهن الله پاڪ پڇندو ته ”آل رسول! اسان جي لاءِ ڇا آندو اٿئي؟ ته مان پنهنجي مريد احمد رضا خان کي پيش ڪندس۔“

بيان ڪيل حڪايت مان اهو مدني گل به مليو ته جيڪڏهن پير پنهنجي ڪنهن مريد کي نوازي ته ان عطا تي ان کان هرگز حسد نه ڪري، ڪنهن پير جو پنهنجي مريد کي نوازڻ ڪيئي طريقن سان ٿي سگهي ٿو مثال طور ڪو مريد پنهنجي پير جي هر فرمان تي لبّيڪ چوڻ وارو، نه صرف لبّيڪ چوڻ وارو بلڪ ان فرمان کي نهايت ئي محبت ۽ عقيدت سان، دل ۽ جان سان قبول ڪري ان تي عمل ڪرڻ وارو هجي ته يقينًا پير به اهڙي مريد سان خوش ئي ٿيندو، ان سچي مريد تي پنهنجي پير جي طرف کان عطائن ۽ نوازشن جون بارشون ئي ٿينديون، تنهنڪري ڪنهن اهڙي مريد سان ڪڏهن به حسد نه ڪرڻ گهرجي نه ته ان جو نقصان خود انهيء کي کڻڻو پئجي سگهي ٿو۔ جيئن ته حضرت سيدنا امام عبدالوهاب شعراني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا ته مريد تي