Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

لازم آهي ته جڏهن ان جو مرشد ان جي پير ڀائرن مان ڪنهن هڪ کي ان کان اڳتي وڌائي (يا ڪوئي منصب عطا ڪري) ته هو پنهنجي مرشِد جي اَدَب جي ڪري پنهنجي ان پير ڀاءُ جي خدمت (۽ اطاعت) ڪري ۽ حَسَد هرگز نه ڪري۔ نه ته ان جا ڄميل پير ٿِڙي ويندا ۽ ان کي وڏو نقصان پيش ايندو۔ پر جيڪڏهن ڪو مريد پنهنجي پير ڀائرن کان اڳتي وڌڻ چاهي ته ان کي گھرجي ته هو پنهنجي مرشد جي خوب اطاعت ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي اهڙن وصفن سان آراسته ڪري جن ذريعي هو اڳتي وڌڻ جو حقدار ٿئي ۽ ان وقت مرشد به ان کي انهيء پير ڀاءُ جيان ٻين پير ڀائرن کان اڳتي وڌائي ڇڏيندو ڇوته مرشد ته مريدن جو حاڪم ۽ انهن جي وچ ۾ عدل ڪرڻ وارو هوندو آهي ۽ تمام گھٽ آهي جو ڪو مريد ان مرض کان بچي سگهي۔ (الانوار القدسيه، الجزء الثاني، ص ۲۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! هاڻي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف ۽ سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪريو،  

تعارفِ اعليٰ حضرت ۽ سيرتِ رضا جون ڪجھ جھلڪيون

٭ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ولادتِ باسعادت بريلي شريف ۾ ڏھ (10) شَوّالُ المُڪرَّم 1272ھ ڇنڇر جي ڏينهن وقتِ ظُهر بمطابق چَوڏهن (14) جُون 1856ء تي ٿي۔ (حیاتِ اعلیٰحضرت،۱/۵۸ملخصاً) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والد سڳوري جو نالو مولانا نقي علي خان ( رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) ۽ ڏاڏي جو نالو مفتي رضا علي خان ( رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) هو۔ (فاضل بریلوی علمائے حجاز کی نظر میں،ص۶۷بتغیر قلیل) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو پيدائشي نالو ”محمد“ آهي، امڙ سائڻ ”اَمَّن ميان“ سڏيندي هئي. ٭ والد ماجد ۽ ٻين رشتيدارن ”احمد مياں ۽ ڏاڏي ”احمد رضا“ نالو رکيو. ٭ سندن تاريخي نالو ”اَلمُختَار“ آهي ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نالي کان پهريان ”عبدُ المصطفٰي“ لکندا هئا۔ (تجلیات امام احمد رضا، ص۲۱بتغیر قلیل) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ سنجيده طبيعت جا مالڪ هئا v ڇهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ پاڻ ميلاد النبي جي هڪ مجمعي ۾ فصيح عربي زبان ۾