Aala Hazrat Ka Tasawwuf

Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

تي پهريان ساڄو ئي قدم رکيائون، ايستائين جو محراب ۾ مُصَلّٰي تي به ساڄو ئي قدم رکيائون۔ (فیضانِ اعلیٰ حضرت ۱۲۰ بتغیر)

امير ِاهلسنّتدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ”وسائل بخشش“ ۾ تحرير فرمائن ٿا:

اس کی ہستی میں تھا عمل جوہر                                          سُنّتِ مُصْطَفٰے کا وہ پیکر

عالِمِ دین، صاحبِ تقویٰ                                                  واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تصوف ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شريعت ۾ مفتي اسلام ۽ تصوف ۾ ولي ڪامل جي منصب تي فائز هئا۔ ياد رکو! تصوف اتباعِ شريعت جو نالو آهي، تصوف گناهن کان بچڻ جو نالو آهي، تصوف سنتن تي عمل ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف رضاءِ الٰهي ماڻڻ وارا ڪم ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف حقوق الله جي پاسداري جو نالو آهي، تصوف حقوق العباد جي پابندي (يعني ٻانهن جا حق پورا) ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف دين اسلام تي عمل جو نالو آهي، تصوف نمازن جي پابندي جو نالو آهي، تصوف فرض ۽ واجب ۽ مستحب کي اپنائڻ جو نالو آهي، تصوف مسلمانن جي پريشانين کي حل ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف حسنِ اخلاق جو نالو آهي، تصوف مسلمانن جي خير خواهي جو نالو آهي، تصوف نيڪي جي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو نالو آهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اسان جا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نالي جا نه بلڪه حقيقي صوفي هئا ۽ تصوف جون نشانيون سندن ذاتِ پاڪ ۾ پوري طور تي موجود هيون ۽ مسلمانن جي خير خواهي جو جذبو سندن سيني ۾ گھڻو سمايل هو۔ اچو! هن باري ۾ هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌو ۽ ان مان مدني گل چونڊيو،

عيادت جي لاءِ شهر کان ٻاهر ويا

هڪ دفعي شير پور ضلعي پيلي ڀيت (هند) جا ٻه ماڻهو جيڪي اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جا وڏا عقيدت مند هئا، انهن جي رشتيدارن ۾ ڪا عورت بيمار ٿي ته شير پور مان ڪجھ ماڻهو اعليٰ حضرترَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه کي وٺڻ جي لاءِ