Kamalaat-e-Mustafa

Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ (2) فرمان ِمصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا، جيئن

 خيرخواهي جون فضيلتون

٭ ارشاد فرمايائون: ماڻهن جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو، جيڪو پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا ۽ جيڪو پنهنجي لاءِ ناپسند ڪريو ٿا، ان کي ٻين جي لاءِ به ناپسند ڪريو، جڏهن توهان ڳالهايو ته چڱي ڳالھ ڪريو يا خاموش رهو۔                 

                       (مسند احمد بن حنبل ، حديث معاذ بن جبل،۸/۲۶۶،حديث:۲۲۱۹۳ملتقطا)

٭ ارشاد فرمايائون: مؤمن ان وقت تائين پنهنجي دِين ۾ رهندو آهي جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي چاهي ٿو ۽ جڏهن ان جي خيرخواهي کان الڳ ٿي ويندو آهي ته ان کان توفيق جي نعمت کسجي ويندي آهي۔                   (فردوس الاخبارللديلمي،باب اللام الف،۲/۴۲۹، حديث:۷۷۲۲)

اُمّتِ محبوب کا یاربّ بنا دے خیر خواہ                            نفس کی  خاطِر کسی سے دل میں  میرے  ہو  نہ  بَیر

(وسائل بخشش مرمم،ص۲۳۳)

٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے

(ٽيلي ٿون جي ترغيب(مدني عطيات مهم)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! امت جي خيرخواهي جي عملي تصوير عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي به آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ عاشقانِ رسول جي خيرخواهي جي پيشِ نظر انهن کي سنتن اپنائڻ ۽ دين تي هلڻ جو پيغام ڏئي رهي آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي جا 104 کان وڌيڪ شعبا آهن جن جي ذريعي دين ۽ سنت جو ڪم جاري آهي، انهن شعبن تي اربين روپين جا خرچ ايندا آهن، انهن شعبن ۾ جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه به شامل آهن، جتي قرآنِ ڪريم ۽ علمِ دين جي تعليم مفت ڏني ويندي آهي.

    سڄي دنيا ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ مدارس المدينه ۾ ڪم و پيش هڪ لک چوئيتاليهه هزارن کان وڌيڪ مدني منّا ۽ مدني منّيون قرآنِ ڪريم جي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي تائين ڪم و پيش ٽن لکن کان وڌيڪ مدني منّا ۽ مدني منّيون مدرسة المدينه مان حفظ ۽ ناظره جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 606 جامعة المدينه ۾ پنجاهه