Kamalaat-e-Mustafa

Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

ڪنداسين. (فيضانِ امير اهلسنت، ص26)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسةالمدينه بالغان جو رسالو به مڪتبة المدينه جي بستن تي دستياب هوندو آهي. هن رسالي ۾ قرآنِ ڪريم پڙهڻ  جا فضائل، تربيت جي اهميت، درست قرآنِ پاڪ پڙهڻ جو شرعي حڪم، مدرسةالمدينه بالغان جا 7 مدني گل، مدرسة المدينه بالغان جي تعداد وڌائڻ جو طريقو، آدابِ مسجد، مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن مان ورتل مدني گل ۽ ان کان سواءِ ڪيئي مدني گل بيان ڪيا ويا آهن.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سڄي ملڪ ۾ ڪم و بيش ارڙهن هزار اڻيتاليهه (18039) مدرسةالمدينه بالغان لڳايا پيا وڃن. شهرن جي مسجدن ۾ ڇهه هزار ڇهه سؤ ستر (6670)، مارڪيٽن ۾ ست هزار پنج سؤ (7500)، شعبه تعليم جي تحت ٽي سؤ پنجاهه (350) ۽ گهرن ۾ ٽي هزار پنج سؤ اوڻيهه (3519) مدرسةالمدينه بالغان پنهنجون برڪتون لٽائي رهيا آهن.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خزانا لٽائڻ وارا آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان معجزات ۽ ڪمالاتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسون۔ پاڻ ڪريمعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام سراپا معجزا آهن، جيتري ڪثرت سان معجزن جو ظهور پاڻ ڪريمعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کان ٿيو ٻي ڪنهن نبي کان نه ٿيو۔ حديثن سڳورين ۾ ڪيئي اهڙا واقعا ملن ٿا ته جڏهن سَروَرِ ڪائنات، شاھ موجوداتصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي توجھ سان ٿورو کاڌو ڪيئي ماڻهن جي لاءِ ڪيئي ڪيئي مهينن جي لاءِ ڪافي ٿي ويندو هو۔ انهن واقعن مان اندازو ٿيندو ته الله پاڪ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيترا اختيار عطا ڪيا آهن۔ جنهن جي حق ۾ حضور جا هٿ کڄي ويندا هئا يا جنهن جي لاءِ حضور جا مبارڪ لب جنبش فرمائيندا هئا، دنيا ۽ آخرت جون برڪتون ان جو مقدر بڻجي وينديون هيون۔ اچو علمِ دين سکڻ ۽ محبتِ مصطفٰي ۾ اضافو ڪرڻ جي نيت سان ٽي وڌيڪ معجزا ٻڌون ٿا:

1۔ حضرت سَيدُنَا جابر رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ شخص نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪجھ کاڌو طلب ڪيائين۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى