Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

اچو! ترغيب طور ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون ملاحظه ڪريو،

امام مالڪ ۽ حديثِ پاڪ جو ادب

حضرت سيدُنا امام مالِڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه (جن 17 سالن جي عمر ۾ حديث پاڪ جو درس ڏيڻ شروع ڪيو) جڏهن درس حديث ڏيڻو هوندو هو (ته غسل ڪندا هئا) مسند سجائي ويندي هئي ۽ پاڻ عمده لباس پائي، خوشبوءِ لڳائي نهايت عاجزيءَ سان پنهنجي حُجري مبارڪ کان ٻاهر تشريف فرما ٿي ان تي با ادب ويهندا هئا (درسِ حديث دوران ڪڏهن به پاسو نه بدليندا هئا) ۽ جيستائين ان مجلس ۾ حديثون پڙهيون وينديون هيون ان دوران اڳيٺيءَ ۾ عود ۽ لوبان ٻرندو رهندو هو۔ ( بستان المحدثين ،ص ۱۹ ، ۲۰)

وڇونءَ  16ڏنگ هنيا پر درسِ حديث جاري رکيائون

حضرت سيدُنا عبدالله بن مبارَڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جن فرمائن ٿا؛ حضرت سيدنا ابو عبدالله امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه حديث جو درس ڏئي رهيا هئا ته وڇونءَ 16 دفعا ڏنگ هنيا، سور جي شدت جي ڪري چهرو مبارڪ ڦڪو (يعني پيلو) ٿي پيو پر حديث جو درس جاري رکيو ۽ (پاسو ئي نه ورايائون) ۽ جڏهن درس ختم ٿيو ته ماڻهو هليا ويا ته مون عرض ڪيو؛ اي ابو عبدالله! اڄ مون اوهان ۾ هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي آهي جو وڇونءَ اوهان کي 16 ڏنگ هنيا، پر اوهان پاسو تائين نه ورايو؟ هن ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟ فرمايائين؛ مان حديث رسول جي تعظيم جي ڪري صبر ڪيو۔ (الشفاء ،۲ /۴۶ )

جو ہے باادب وہ بڑا بانصیب اور                                         جو ہے بے ادب وہ نہایت بُرا ہے

چهري جو رنگ بدلجي ويندو هو

حضرت سَيدُنا مُصعَب بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سامهون نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر ڪيو ويندو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي چهري جو رنگ بدلجي (Change) ويندو هو ۽ چيلھ مبارڪ جھڪي پوندي هئي، هڪ ڏينهن حاضرين امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه