Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

کان ان جي ان ڪيفيت جي باري ۾ پڇيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: جيڪو ڪجھ مون ڏٺو آهي، توهان ڏسو ها ته مون تي اعتراض نه ڪيو ها. مون قارين جي سردار حضرت سَيدُنا محمد بن منڪدِر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان جڏهن به ڪا حديث پڇا ڪئي ته هو عظمتِ حديث ۽ يادِ رسول ۾ روئي پوندا هئا ايستائين جو مون کي ان جي حال تي رحم اچڻ لڳندو هو۔ (الشفاء،الباب الثالث، ۲/۴۲ملخصاً) اي ڪاش! اسان کي به عشقِ رسول ۽ يادِ نبي ۾ روئڻ نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

ترے عشق میں کاش! روتا رہوں میں                              رہے تیری اُلفت سے معمور سینہ

امامِ مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽  تعظيمِ خاڪ مدينه

حضرت سَيدُنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرت سيدنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دروازي تي خراسان ۽ مصر جا گهوڙا ٻڌل ڏٺا، ايترا اعليٰ قسم جا گهوڙا مون ڪڏهن به نه ڏٺا هئا، ان ڪري مون عرض ڪيو؛ اهي گهوڙا ڪيڏا نه بهترين آهن؟ پاڻ فرمايائون؛ مان اهي سڀ تو کي تحفي ۾ ڏيان ٿو، مون عرض ڪيو؛ پنهنجي لاءِ ته هڪ گھوڙو رکي ڇڏيو فرمايائون؛ مون کي الله پاڪ کان حياءُ ٿيو ٿئي ته هن مبارڪ زمين کي پنهنجي گهوڙي جي پيرن هيٺان لتاڙيان جنهن ۾ الله پاڪ جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هجن۔

 (احياء علوم الدين،ڪتاب العلم،باب ثاني في العلم المحمود والمذموم واقسامھما واحڪامھما،ج۱/ ۴۸)

قضاءِ حاجت جي لاءِ حرم کان ٻاهر ويندا هئا

حضرت سيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مديني پاڪ جي مٽيءَ جي تعظيم خاطر مدينه منوره ۾ ڪڏهن به قضاءِ حاجت نه ڪئي ان ڪري هميشه مديني پاڪ جي لاءِ حرم کان ٻاهر هليا ويندا هئا، پر مرض جي حالت ۾ مجبور هئا۔ (بستان المحدثين ،ص۱۹)