Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

مدینہ اس لیے عطارؔ جان و دل سے ہے پیارا                        کہ رہتے ہیں مِرے آقا مرے سرور مدینے میں

8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”گهردرس“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان! حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا زبردست عاشقِ رسول هئا، جيڪي نه صرف پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات بلڪ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت رکڻ جي سبب حديثِ رسول، خاڪ مدينه ۽ شهرِ مصطفٰي سان ڪيتري قدر عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا، اي ڪاش! امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي به حديثِ رسول جي ادب جي مدني سوچ نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به شهرِ مُصطَفٰي جي حسين تصورات ۾ گم رهڻ جي عادت بڻايون۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهڻ عشقِ رسول حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، تنهنڪري اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ ڪجھ نه ڪجھ وقت ضرور ڏيو۔ ياد رهي! ذيلي حلقي جي 8  مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم گهر درس به آهي  توهان سڀني اسلامي ڀينرن کي گزارش آهي ته گهر ۾ مدني ماحول بڻائڻ جي لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو فيضانِ سنت جو درس ڏيڻ يا ٻڌڻ جي ترڪيب ضرور بڻايو (جنهن ۾ نا محرم نه هجن ) امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه  جي تخريج شده رسالن مان به درس ڏئي سگهجي ٿو(دورانيو 7 منٽ آهي) ماڻهن تائين علم دين جون ڳالهيون پهچائڻ اجر ۽ ثواب جو ڪم آهي، جيئن ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جيڪو شخص منهنجي امت تائين ڪا اسلامي ڳالھ پهچائي ته جيئن ان سان سنت قائم ڪئي وڃي يا ان سان بدمذهبي دور ڪئي وڃي اهو جنتي آهي، لهٰذا توهان به درس ڏيڻ جي نيت ڪري ڇڏيو، اچو ! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ملاحظو فرمايو

دل جي ڪيفيت بدلجي وئي

باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ کي ڊائجسٽ پڙهڻ جو تمام گهڻو