Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

شوق هو ان جي زندگي ۾ عمل جي بهار ڪجھ هن طرح آئي، ان جو وڏو ڀاءُ جيڪو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هو اهو مختلف رسالا وٺي گهر آڻيندو هو جنهن کي پڙهي ڪري ان اسلامي ڀيڻ کي نهايت سٺو لڳندو هو، آهستي آهستي دعوت اسلامي جي اجتماعن ۾ شرڪت جي برڪت سان مدني ماحول سان وابسته ٿي وئي ۽ ان بي پردگي کان توبه ڪئي ۽ مدني برقعو سجائڻ، نمازن جي پابندي ڪرڻ جو عزم ڪري ورتو ۽ نيڪيون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي پر دعوت اسلامي جو مدني ڪم ڪرڻ کان شرمائيندي هئي، سندس ڀاءُ باربار ان کي گهر ۾ فيضان سنت جو درس ڏيڻ جي ترغيب ڏيندو هو پر هوءَ درس ڏيڻ کان گهٻرائيندي هئي، اهڙي طرح سلسلو هلندو رهيو، هڪ ڏينهن سندس ڀاءُ اجتماع کان واپسي تي ”بھیانک اُونٹ “ نالي  هڪ رسالو آندو، رسالي جو نالو نهايت وڻندڙ هو، تنهنڪري ان اسلامي ڀيڻ رسالي کي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هنن لفظن کي پڙهيائين ” اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ماڻهن پٿر هنيا پر پوءِ به پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن دين جي تبليغ فرمائي ۽ ماڻهو اسان تي گل نڇاور ڪن ٿا پوءِ به  اسان جيءُ چرايون، اسان پکن، قالينن تي ويهي به دين جي تبليغ نه ڪيون “ هي پڙهي ڪري سندس جي ڪيفيت بدلجي وئي، جڏهن پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظيم قربانين جي متعلق خبر پئي ته خود بخود ان جي اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا، ان همت ڪري درس فيضانِ سنت ڏيڻ جو ارادو ڪري ورتو ۽ جلدي ئي پنهنجي گهر ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيائين جنهن ۾ پاڙي جون اسلامي ڀينرون به شرڪت ڪرڻ لڳيون، فيضانِ سنت جي درس جي برڪت سان اسلامي ڀينرون عمل جي طرف رغبت ڪرڻ لڳيون، الله پاڪ جي ڪرم سان ٻين اسلامي ڀينرن به درس ڏيڻ شروع  ڪري ورتو جلد ئي انهن جي علائقي ۾ ٽن جڳهن تي درس فيضان سنت شروع ٿي ويو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد