Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! جهڙي طرح عالِمِ مدينه عشقِ رسول جي لازوال دولت سان مالامال هئا، جهڙي طرح عالِمِ مدينه هڪ سچا عاشقِ رسول هئا، جهڙي طرح عالِمِ مدينه جو سينو شهرِ مُصطَفٰي جي محبت سان سرشار هو، جهڙي طرح عالِمِ مدينه نسبتِ رسول جي اهميت ۽ فضيلت سان پوري طرح واقف ها، جهڙي طرح عالِمِ مدينه حديثِ رسول جو دلنشين انداز ۾ ادب و احترام ڪندا هئا، جهڙي طرح عالِمِ مدينه حديثِ رسول جي خدمت جي ڪري عوام ۽ خواص ۾ مشهور ۽ معروف هئا، اهڙي طرح عالِمِ مدينه جي مبارڪ سيرت جو هڪ دلڪش پهلو هي به آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه عبادت و رياضت ۽ تلاوتِ قرآن جا به تمام گھڻا شيدائي هئا۔ اچو! عالم سڳورن جي زباني سندن عبادت، رياضت ۽ تلاوتِ قرآن سان محبت جون ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون ٻڌو ۽ عبادت و رياضت ۾ مصروف ٿي وڃو،

امام مالڪ جي عبادت ۽ رياضت بابت بزرگن جا قول

٭ حضرت سيدُنا علامه قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه لکن ٿا ته حضرت سَيدُنَا زبير بن حبيب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جن فرمايو: جڏهن به ڪنهن (اسلامي) مهيني جي آمد ٿيندي هئي ته امام مالڪ ان مهيني جي پهرين رات جو شب بيداري ڪندا هئا،٭ حضرت سيدنا زبير بن حبيب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي خيال ۾ اوهان اها عبادت مهيني جو استقبال ڪرڻ جي غرض سان ڪندا هئا، ٭ صاحبزادي فاطمه بن مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا فرمائن ٿيون: امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هر رات پنهنجو وظيفو پورو ڪندا هئا ۽ جڏهن جمعي جي رات ايندي هئي ته سڄي رات الله پاڪ جي عبادت ۾ مشروف ٿي ويندا هئا، ٭ حضرت سَيدُنَا مغيره رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جو بيان آهي: هڪ ڀيري رات جي وقت ماڻهن جي سمهڻ کان پوءِ مان امام مالڪ بن انس وٽان لنگھيس، مون ڏٺو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيهي نماز ۾ مشغول آهن، جڏهن پاڻ سوره فاتحه پڙھي چڪا ته سوره ”اَلْهٰکمُ التَّکاثُرُ شروع ڪري ڇڏي، امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن هن آيت سڳوري تي پهتا: