Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

ثُمَّ لَتُسْــٴَـلُنَّ یَوْمَىٕذٍ عَنِ النَّعِیْمِ۠(۸) (پ،۳۰،التڪاثر:۸)

 ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ بيشڪ ضرور ان ڏينهن توهان کان نعمتن جي پڇا ٿيندي ـ

ته گھڻي دير تائين روئندا رهيا، مان پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي تلاوت ٻڌڻ ۾ مشغول ٿي ويس ۽ اتي بيٺو رهيس، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه انهيءَ آيت کي بار بار پڙهندا رهيا ۽ روئندا رهيا ايستائين جو صبح چمڪڻ لڳي، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه رڪوع ڪيائون۔ مان پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيس، مان وضو ڪري مسجد ۾ حاضر ٿيس ته ڇا ٿو ڏسان ته مسجد ۾ (علمِ دين جي) مجلس قائم آهي، ماڻهو سندن جي آسپاس حلقو (Circle) ٺاهي ويٺل آهن ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي مبارڪ چهري ۾ خوبصورت نور چمڪي رهيو آهي۔ ٭ محمد بن خالد رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن به ان امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جو مبارڪ چهرو ڏسان ٿو ته سندن چهري ۾ مون کي آخرت (جو خوف رکڻ وارن) جون نشانيون نظر اچن ٿيون، جڏهن اوهان گفتگو ڪندا آهن ته مان ڄاڻي وٺندو آهيان ته حق سندن جي واتان نڪرندو آهي،٭  حضرت ابو مصعب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام مالڪ رات جي هڪ حصي ۾ ڊگھا رڪوع ۽ سجدا ادا ڪندا هئا، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه نماز ۾ بيهندا هئا ته ايئن لڳندو هو جيئن ڪا سڪل ڪاٺي هجي، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه کي دُرن جي سزا ڏني وئي هئي ان وقت سندن رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه کي چيو ويو: مختصر نماز پڙھي وٺو، فرمايائون: ٻانهي کي گھرجي ته هو الله پاڪ جي لاءِ جيڪو به عمل ڪري، چڱي طرح ڪري۔ (سيپاروه 29 سُورَۃ المُلڪ جي آيت نمبر 8 ۾) الله پاڪ فرمائي ٿو:

لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًاؕ         (پ:۲۹، المُلڪ:۲)

ترجموڪنزُالايمان: ته جيئن توهان جو امتحان ٿئي ته توهان مان ڪنهن جا ڪم  وڌيڪ بهتر آهن ۔

حضرت ابنِ وهب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا: مون حضرت سَيدُنا امام مالڪ بن انس رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه کان وڌيڪ متقي ۽ پرهيزگار ناهي ڏٺو۔ ٭ ابنِ قاسم رَحْمَةُ اللّٰهِ