Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مون کي حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي خادم ٻڌايو ته حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه چاليھ سالن تائين اڪثر عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪئي،٭ ابنِ وهب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه ڏينهن رات ۾ نفلي عبادت اڪثر اڪيلائي ۾ ادا ڪندا هئا ته جيئن ڪو ٻيو نه ڏسي سگھي۔ (تقريب المدارڪ وتقريب المسالڪ،۱/۹۲، ملتقطاً) ۔ ٭ علامه شعيب حَرِيفِيش رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهسحري جي وقت ڪثرت سان نماز، ذڪر ِ الٰهي ۽ اوراد و وظائف جو اهتمام ڪندا هئا، پوءِ درس وتدريس ۾ مشغول ٿي ويندا هئا۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں،ص۴۲۱)

مرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                         کر اخلاص ایسا عطا یاالٰہی

عبادت میں گزرے مری زندگانی                         کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  توهان ٻڌو! حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه ڪيترا وڏا عبادت گذار هئا، جيڪي ڏينهن رات تلاوتِ قرآن ونفل عبادات ۾ مشغول رهندا هئا، سندن عبادت جو انداز به ڪيترو پيارو هو جو نفلي عبادت به هميشه اڪيلائي ۾ ادا ڪندا هئا ته جيئن ماڻهو سندن کي عبادت گذار نه سمجھن۔ پر هاءِ! عبادت جي حوالي سان اسان جو ڪردار نهايت خسته حالي جو شڪار آهي۔ اسان ٻين جي ڪوتاهين کي ته نوٽ ڪريون ٿيون پر پنهنجو محاسبو (Accountability) نٿيون ڪيون، مثال طور اسان ڏسون ته ڇا اسان روزانو پنج وقت جون فرض نمازون پڙھون ٿيون؟ جيڪڏهن پڙھون ٿيون ته ڇا پابندي سان پڙھون ٿيون؟ جلدي جلدي پڙھون ٿيون يا اطمينان سان؟ ڇا اسان عبادت ۾ اخلاص پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿيون؟ نيڪيون ڪري ٻين اسلامي ڀينرن تي بلا وجه اظهار ڪري ڪٿي انهن کي ضائع ته نٿيون ڪريون؟ ڇا نفلي عبادتن جي ادائيگي اسان جي معمولات ۾ شامل آهي؟ اسان روزانو ڪيترا سيپارا تلاوت ڪريون ٿيون؟ جيڪڏهن ڪيون ٿيون ته ڇا قاعدن ۽ مخارجن جي رعايت به ڪريون ٿيون؟ ڇا تلاوتِ