Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

قرآن ڪري يا ٻڌي اسان کي خوفِ خدا سبب ڪڏهن روئڻ آيو؟ ڇا اسان درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪريون ٿيون؟ ڇا اسان جا لب به ذڪرُ الله سان تر رهن ٿا؟ ڇا اسان جي اکين مان به خوفِ خدا جي سبب لڙڪ نڪرن ٿا؟ ڇا اسان نفلي روزا رکي سگھون ٿا؟ ڇا اسان جو گھڻو وقت عبادت ۾ گذري ٿو؟ ڇا اسان موبائل، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو سو فيصد درست استعمال ڪريون ٿيون؟ ڇا مدرسة المدينه بالغات ۾ اسان جو پڙهڻ يا پڙهائڻ جو معمول آهي؟ ڇا هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۽ ٻين مدني ڪمن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪنديون آهيون؟ بهرحال اڃا به زندگي جو تسلسل باقي آهي، اڃا ساھ هلي رهيو آهي، اڃا موت جو فرشتو ناهي آيو ۽ اڃا هوش و حواس ڪم ڪري رهيا آهن، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان خوابِ غفلت مان بيدار ٿي فرائض ۽ واجبات سان گڏوگڏ نفلي عبادتن جي بجا آوري جي لاءِ به پنهنجو پاڻ کي تيار ڪريون ۽ ان مدني سوچ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان استقامت سان وابسته رهون۔

مجلس”اِزدِيادِ حُبّ“

پياريون پياريون اسلامي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و پيش 104 شعبن ۾ دينِ اسلام جو پيغام عام ڪري رهي آهي انهن مان هڪ ”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ به آهي. اهي پراڻيون اسلامي ڀينرون جيڪي اڳ ۾ اينديون هيون پر هاڻي نٿيون اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪرڻ، انهن کان پهريان ئي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي گھر وڃي ڪري ملاقات ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغات ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي، بيماري ۽ فوتگي وغيره جي معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه جي ترڪيب ڪرڻ وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔ الله ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقي عطا فرمائي۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ