Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عشقِ رسول جون تقاضائون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي عشقِ رسول جي باري ۾ ٻڌي رهيون آهيون۔ يقيناً اڄ کوڙ مُسَلمان سرورِ ذيشان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان عشق ۽ مَحَبَّت جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ياد رهي! اها دَعويٰ انهيءَ صورت ۾ سچي مڃي سگھي ٿي جڏهن اسان عشقِ رسول جي تقاضن (Demands) تي به حقيقي معنيٰ ۾ عمل ڪنديون سين، عشقِ رسولِ ڪهڙين ڳالهين جو تقاضو ڪري ٿو، اچو ته! انهن مان 4 مدني گل ٻڌون ٿيون:

(1)اطاعت ۽ اتّباع

عشق جو سڀ کان بنيادي تقاضو هي آهي ته مَحبُوب جي اطاعت ۽ پيروي ڪئي وڃي، تنهنڪري مَحبُوبِ دو جهان، سَروَرِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڳالهين جو حڪم ڏنو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي، جن شين کان منع ڪيو آهي انهن کان بچيو وڃي، جن شين بابت پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي انهن کي پنهنجي پسند جو حصو بنايو وڃي ۽ جن شين کان نفرت ۽ بيزاري جو اظهار ڪيو آهي انهن کان نفرت ۽ بيزاري ظاهر ڪئي وڃي۔

(2)تعظيم و تڪريم

عشقِ مصطفٰي جو هڪ تقاضو هي به آهي ته بي بي آمنه جي لعل،رسولِ بي مثال صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حد کان وڌيڪ تعظيم ۽ تڪريم ڪئي وڃي۔ الله پاڪ پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ توقير ڪرڻ جو حڪم اِرشاد فرمايو آهي۔ جيئن سيپاري 26، سورة الفتح جي آيت نمبر 9 ۾ ارشادِ باري آهي:

وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُؕ       (سيپارو:۲۶، الفتح:۸،۹)

 تَرجَمَو ڪنز الايمان ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم ۽ احترام ڪريو ۔