Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

(3)ڪثرتِ ذڪر

ٻانهو جنهن سان عشق ۽ محبت جي دَعويٰ ڪندو آهي، ته ان جو ڪثرت سان ذڪر به ڪندو آهي، ڇاڪاڻ عاشقِ صادق کي پنهنجي مَحبُوب جي ذِڪر سان لذّت ملندي آهي، جيئن ته اسان جي عشق ۽ مَحَبَّت جو مرڪز سَروَرِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات مُبارڪه آهي ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سان سچي پڪي محبت ڪريون ۽ ڪثرت سان پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر ڪريون۔ جھومي جھومي ڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نعتون پڙھون ۽ ٻڌون، سندن شان بيان ڪريون ۽ ٻڌون ۽ درود پاڪ جي ڪثرت ڪنديون رهون اِنْ شَآءَالله ان جون خوب خوب برڪتون نصيب ٿينديون۔

(4)دوستن سان دوستي، دشمنن سان دشمني

عشق جي تقاضن مان هڪ هي به آهي ته جهڙي طرح هڪ سچي عاشق کي پنهنجي مَحبُوب سان نسبت رکڻ واري هر شيء سان محبت هوندي آهي، پنهنجي مَحبُوب جي دوستن ۽ ان جي عزيزن سان عقيدت هوندي آهي اهڙي طرح ان جي دشمنن سان دشمني رکڻ، انهن سان تعلق (Relation) نه رکڻ به عشق جو تقاضو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به سرورِ ڪونين، نبي حرمين صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت رکڻ واري شين کي محبوب رکون، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دوستن يعني صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ سندن اهلِ بيتِ اطهار رِضْوَانُ اللّٰه عَلَيهمْ اَجْمَعِين سان مَحَبَّت ۽ اُلفت رکون، ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان تعلق رکڻ وارن جي بي ادبي ۽ گستاخي ڪرڻ وارن کان بچون ۽ ٻين کي به بچايون۔

جيڪڏهن اسان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهنديون سين ته نه صرف عشقِ مصطفي نصيب ٿيندو بلڪ ان جون تقاضائون پوريون ڪرڻ جي سوچ به نصيب ٿيندي، الله ڪريم اسان سڀني کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ