Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ اسان جي بَيان جو موضوع آهي ”امام مالڪ جو عشقِ رسول“، جنهن ۾ اسان عالِمِ مدينه حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف، سندن ديني خدمتون ۽ سندن جي باري ۾ فرمانِ رسول ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين، شهرِ مدينه، خاڪ مدينه ۽ حديثِ پاڪ جي ادب ۽ تعظيم جي باري ۾ سندن سيرت جا ڪجھ ايمان افروز واقعا به ٻڌنديون سين، امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا وڏا عبادت گذار هئا، تلاوتِ قرآن سان پاڻ کي ڪيتري مَحَبَّت هئي ۽ سندن عبادت جو انداز ڪيتري قدر پيارو هو ان باري ۾ عالم سڳورن جا ارشاد به اسان ٻڌنديون سين، الله ڪري ته دِلجمعي سان شروع کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

امام مالڪ ۽ مسجدِ نبوي جو ادب

خليفي ابو جعفر منصور حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان مسجدِ نبوي شريف ۾ مناظرو ڪيو، مناظري دوران ابو جعفر جو آواز ڪجھ بلند