Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                           نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

هلڻ جون 15 سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي”163 مدني گل“مان هلڻ جون 15 سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون۔ سيپاري 15 سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ ارشاد ربُّ العِبَاد آهي:

وَ لَا تَمْشِ فِی الْاَرْضِ مَرَحًاۚ-اِنَّكَ لَنْ تَخْرِقَ الْاَرْضَ وَ لَنْ تَبْلُغَ الْجِبَالَ طُوْلًا(۳۷) (پ۱۵،بني اسرائيل:۳۷) ترجموڪنزالايمان: ۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .

٭ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو اهو زمين ۾ دٻايو  ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ دٻايو ويندو. (مُسلِم،کتاب اللباس والزینۃ،باب تحریم التبختر فی المشی...الخ،ص۱۱۵۶،حدیث:۲۰۸۸ملخصاً) ٭ رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا ته ڪجهه اڳيان طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهون کان هيٺ پيا لهن۔ (الشمائل المحمدية للترمذی،باب ما جاء فی مشیۃ رسول اللہ ،