Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

ص۸۷،رقم:۱۱۸) ٭ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري درمياني چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن ٿين ۽ نه ايترو آهستي جو اوهان بيمار لڳو ٭ رستي تي هلندي پريشان نظري(يعني بلاضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ) سنت ناهي، هيٺ نگاهه ڪري باوقار طريقي سان هلو ٭ هلڻ يا ڏاڪڻ تان لهڻ مهل هي احتياط ڪيو ته جوتن جو آواز پيدا نه ٿئي ٭ ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته رستي تي هلندي جيڪا به شيء سامهون آئي ان کي لتون هڻندي گذرندا آهن، هي بلڪل غير مُهَذَّب طريقو آهي ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو پير زخمي ٿيڻ جو انديشو آهي ۽ اخبار يا لکائي وارن ڊٻن، پيڪٽن، ۽ مِنرل واٽر جي خالي بوتلن وغيره کي لت هڻڻ به بي ادبي آهي.

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتي جي بَيان جو موضوع آهي. ”امدادِ مصطفيٰ جا واقعا“ هن بيان ۾ اصحاب ڪرام، بزرگانِ دين، ۽ ٻين ماڻهن ايستائن جو جانورن جي رسول اڪرم  صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ   جي بارگاه ۾ فرياد ڪرڻ ۽ انهن جي فرياد ڪرڻ تي نبي رحمت، شفيع امت، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهن جي امداد فرمائڻ جا ڪجھ ايمان افروز واقعا بيان ٿيندا،  تنهنڪري اچڻ واري اربع تي به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪيو ۽ هٿ مٿي ڪري چئو؛ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد