Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

ٿيو ته امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه ان کي (نيڪي جي دعوت ڏيندي) فرمايائون: اي اميرُالمؤمنين! هن مسجد ۾ پنهنجو آواز بلند نه ڪيو ڇوته الله پاڪ هڪ جماعت کي ادب سيکاريندي ارشاد فرمايو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْۤا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِیِّ (سيپاري:۲۶، الحجرات:۲)

تَرجَمَو ڪنز الايمان: اي ايمان وارؤ! پنهنجو آواز مٿي نه ڪريو هن نبي (غيب جون خبرون ٻڌائيندڙ) جي آواز کان ۔

ٻي جماعت جي ساراھ ڪندي ارشاد فرمايو ويو:

اِنَّ الَّذِیْنَ یَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ جيڪي پنهنجو آواز جهڪو رکندا آهن الله جي رسول وٽ،

۽ هڪ قوم جي مذمت بيان ڪندي ارشاد فرمايو ويو:

اِنَّ الَّذِیْنَ یُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَآءِ الْحُجُرٰتِ

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ اهي جيڪي تو کي حُجري جي ٻاهران پُڪارن ٿا

پوءِ حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايائون: بيشڪ نور جي پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عزت ۽ حرمت اڃا به اهڙي طرح آهي جهڙي طرح پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري حيات ۾ هئي، اهو ٻڌي ابو جعفر چُپ ٿي ويا، پوءِ پڇيائين: اي ابو عبدالله! مان قبلي ڏانهن منهن ڪري دعا گھران يا، رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرف متوجھ ٿي ڪري؟ فرمايائون: توهان ڇو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان منهن ڦيريو ٿا جڏهن ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان جا ۽ توهان جي والد حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جا بروز قيامت الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وسيلو آهن بلڪه سندن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي ڏانهن متوجھ ٿي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان شفاعت گھرو پوءِ الله پاڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت قبول فرمائيندو. (شفاء،القسم الثاني،الباب الثالث، فصل واعلم انّ حرمۃ النبي۔۔۔ الخ، الجزء الثاني ، ص۴۱)