Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

بُرائي کي پنهنجي هٿ سان بدلي ڇڏي ۽ جيڪو پنهنجي هٿ سان بدلڻ جي قوت نه رکي، ان کي گھرجي ته پنهنجي زَبان سان بدلي ڇڏي ۽ جيڪو پنهنجي زَبان سان بدلڻ جي به اِستِطاعت نه رکي ان کي گھرجي ته پنهنجي دل ۾ بُرو سمجھي ۽ اها ڪمزور ترين ايمان جي نشاني آهي۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب بيان ڪون النھي عن المنڪر۔۔۔الخ، ص۴۸، حديث:۱۷۷)

ڇا اسان دل ۾ بُرو سمجھون ٿيون؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پنهنجي ضمير کان سُوال ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن کي گناھ ڪندو ڏسي هٿ يا زبان سان روڪڻ ۾ پاڻ کي بيوس ڏسڻ جي صورت ۾ ڇا اسان دل ۾ بُرو سمجھون ٿا؟ صد ڪروڙ افسوس! جيڪڏهن اسان کي اسان جي پسند جا کاڌا نه ملن ته، اسان کي اسان جي پسند جا ڪپڙا نه ملن ته ناگوار لڳندو آهي پٽ اسڪول جي موڪل ڪري ڇڏي ته ضرور غصو ايندو آهي پر گھر وارن جون روزانو پنجئي نمازون قَضا ٿي رهيون هجن ته نرڙ تي گھنج  تائين ناهن ايندا، انهن کي سمجھائڻ جي ڪوشِش تائين ناهي ڪئي ويندي۔ ٿورو سوچيو! مَثال طور ميوزِڪ وڄي رهيو آهي، بيشڪ روڪڻ تي قُدرت ناهي پر ڇا اهو اسان جي دل ۾ کٽڪندو آهي؟ ڇا ان کي بُرو محسوس ڪنديون آهيون؟ جي نه، ان ڪري جو خود پنهنجي موبائل ۾ به ته معاذ الله ’’ميوزيڪل ٽيون (Musical tune)‘‘موجود هونديون آهن! ٻه عورتون گارگند ڪري رهيون آهن، برو لڳو؟ جي نه، ڇو؟ ان ڪري جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي منهن مان به معاذ الله گار نڪري ئي ويندي آهي، فُلاڻي ڪوڙ ڳالهايو؟ ڇا اسان کي برو لڳو؟ جي نه، ڇو؟ ان ڪري جو پنهنجي زبان مان به معاذ الله ڪوڙ نڪري ئي ويندو آهي، اهي مثال صِرف چوٽ ڪرڻ جي لاءِ آهن، نه ته ڪيئي عورتن جي حالت اها آهي جو پنهنجي فون ۾ ميوزيڪل ٽيون ناهي، گار ۽ ڪوڙ جي عادت ناهي، پوءِ به ’’دل ۾ بُرو سمجھڻ‘‘ جو ذهن ناهي هوندو، جيڪڏهن رضاءِ الٰهي جي لاءِ حقيقي معني ۾ بُرائي کي دل ۾ بُرو سمجھڻ جي سوچ بڻجي وڃي، ڪڙهڻ جي عادت پئجي وڃي ته پوءِ مُعاشَري ۾ اِصلاح جو دَور اچي وڃي ڇوته جڏهن اسان بُرائين کي دل سان بُرو