Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

سمجھڻ ۾ پاڻ سنجيده ٿي وينديون سين، ته ٻين کي سمجھائڻ به شروع ڪنديون سين، اهڙي طرح هر پاسي سنّتن جون بهارون اچي وينديون ۽ ’’نيڪي جي دعوت ‘‘ جي ڌوم مچي ويندي، الله پاڪ اسان جي حال تي رَحم فرمائي ۽ اسان کي عقلِ سليم ڏي ته جيئن اسان به خوب خوب نيڪي جي دعوت ۽ آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنَّت جي ڌوم مچائڻ واريون بڻجي وڃون۔

هن حڪايت مان هڪ مدني گل هي به مليو ته عالمِ مدينه حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روضَهءِ رسول ڏانهن رُخ ڪري دعا ڪرڻ کي نه صرف جائز سمجھندا هئا بلڪ ان عمل ڪرڻ جو تاڪيد به ڪندا هئا۔ جيئن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني جا عالم به هئا، تنهنڪري جيڪڏهن روضَه رسول ڏانهن منهن ڪري دعا ڪرڻ ناجائز يا شرڪ هجي ها ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ضرور ان عمل کان روڪين ها ۽ ان جي هرگز اجازت نه ڏين ها، ڄڻ ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عشق اهو چوي ٿو ته ڪعبي جي اهميت ۽ عظمت کان انڪار ناهي، پر ياد رکو! ڪائنات ۾ جنهن کي جيڪو ڪجھ به مليو آهي بلڪ جو ڪجه ملي رهيو آهي، اهو مڪي مدني مُصطَفٰي، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ئي ملي رهيو آهي، جيئن ته

امامِ عشق و مَحَبَّت،اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  حدائق بخشش ۾ لکن ٿا:

لَا وَ رَبِّ الْعَرْش جس کو جو مِلا اُن سے ملا                    بٹتی ہے کونین میں نعمت رسولُ اللہ کی

مختصر وضاحت: عرشِ اعظم جي پيدا ڪرڻ واري ڪريم رب جو قسم! جنهن کي جيڪو ڪجهه به مليو آهي الله پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ در تان ئي مليو آهي ڇو ته ٻنهي جهانن ۾ انهيءَ جو صدقو تقسيم ٿي رهيو آهي.