Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

وڌيڪ علم وارو باقي نه رهندو۔ (ترمذي،ابواب العلم،باب ماجاء في عالم المدينۃ،۱/۳۱۱، حديث :۲۶۸۹ ملتقطا)

(2) ارشاد فرمايائون: عنقريب ماڻهو (علم جي لاءِ) سفر ڪندا ته عالِمِ مدينه کان وڌيڪ علم وارو ڪو نه ڏسندا۔ (مستدرڪ،ڪتاب العلم ، باب يوشڪ الناس ۔۔۔الخ ،۱ /۲۸۰، حديث: ۳۱۴)

حضرت سيدُنا ابنِ عُيينَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: محدث سڳورن وٽ ”عالِمِ مدينه“ مان مراد حضرت سيدُنا امام مالڪ بن اَنَس رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن۔ (التمھيد لابن عبد البر،زيدبن رباح،۲/۶۷۴، تحت الحديث:۱۲۲) حضرت سيدُنا عبد الرزّاق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جو رايو اهو آهي ته حضرت سيدُنا امام مالڪ بن انس رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي علاوه ڪو به ”عالِمِ مدينه“ جي نالي کان مشهور ناهي، ماڻهن علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڏانهن جيترا سفر ڪيا اوترا ڪنهن ڏانهن ناهن ڪيا۔ (ترمذي،ابواب العلم،باب ماجاء في عالم المدينۃ،۴/۳۱۱، ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هي هڪ فطري معاملو آهي ته جنهن سان عشق ٿي ويندو آهي ان سان نسبت رکڻ واري هر شيء سان به عشق ٿي ويندو آهي۔ محبوب جي گھر کان، ان جي در و ديوار سان، محبوب جي گھٽي محلي تائين کان عقيدت ٿي ويندي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فنا فِي الله ۽ فنا فِي الرَّسول جي نهايت بلند ۽ اعليٰ مَنصَب تي فائز هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نه صرف هڪ سچا عاشقِ رسول هئا بلڪ عشقِ رسول سندن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو۔ الله پاڪ جي محبوب، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت رکڻ جي سبب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نبين جي سرور، رسولن جي افسر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روشن فرمانن، شهرِ مدينه ۽ خاڪ مدينه کان تمام گهڻي عقيدت رکندا هئا بلڪ انهن جي نهايت تعظيم و توقير ۽ ادب واحترام ڪندا هئا۔