Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

پاڪ جي عطا سان منهنجي مدد به فرمائيندا۔

یا رَسُوْلَ اللہ کے نعرے سے ہم کو پیار ہے                              ہم نے یہ نعرہ لگایا اپنا بیڑا پار ہے

خُلد میں ہوگا ہمارا داخِلَہ اِس شان سے                                   یا رَسُوْلَ اللہ کا نعرہ لگاتے جائیں گے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جو آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي سڏڻ مرحبا! هن ۾ اسان جي به تربيت جو سامان آهي۔ اسان کي گھرجي ته اسان به نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن طرح پڪاريندا ڪريون، مثال طور: يارَسُوْلَالله، يا حَبِيبَ الله، يا نَبِيَّ الله، يانُورَالله۔ جيئن سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: الله پاڪ فرمايو:

لَا تَجْعَلُوْا دُعَآءَ الرَّسُوْلِ بَیْنَكُمْ كَدُعَآءِ بَعْضِكُمْ بَعْضًاؕ- (پ ۱۸، النور:۶۳)               

ترجَمَو ڪنزُالايمان: رسول جي سڏڻ کي پاڻ ۾ ايئن نه بنايو جيئن توهان مان هڪڙو ٻئي کي سڏي ٿو.

جو اي زيد، اي عمرو۔ بلڪه هن طرح عرض ڪريو: يارَسُولَ الله، يانَبِي الله، ياسَيدَالْمُرْسَلِين، ياخَاتَمَ النَّبِيين، ياشَفِيعَ الْمُذْنِبِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  (فتاويٰ رضويه، ۳۰/۱۵۶)

غَيرُالله کان مدد گھرڻ ڪيئن؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يادرکو! الله پاڪ کانسوا  ڪا به مخلوق چاهي اها ڪيتري ئي تعظيم واري ڇو نه هجي، حقيقي طور تي مدد نٿي ڪري سگھي۔ حقيقي مددگار صرف ۽ صرف الله پاڪ ئي جي ذات آهي۔ جيئن ته الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ(۴) (پ۱، الفاتحة:۴)

ترجمو: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ۽ توکان ئي مدد گهرون