Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيتِ ڪريمه جي تحت آهي: حقيقي مدد ڪرڻ وارو به تون ئي آهين۔ تنهنجي اجازت ۽ مرضي جي بغير ڪير به ڪنهن جي ڪنهن به قسم جي ظاهري، باطني، جسماني روحاني، ننڍي وڏي ڪا مدد نٿو ڪري سگھي۔ (صراط الجنان،۱/۵۳) البت الله پاڪ جي عطا سان الله پاڪ جا نيڪ ٻانها به مددگار آهن ۽ الله پاڪ جي عطا سان اهي مدد به ڪن ٿا۔ جيئن ته قرآنِ پاڪ ۾ ارشادِ رباني آهي:

فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ مَوْلٰىهُ وَ جِبْرِیْلُ وَ صَالِحُ الْمُؤْمِنِیْنَۚ-وَ الْمَلٰٓىٕكَةُ بَعْدَ ذٰلِكَ ظَهِیْرٌ(۴)(پ۲۸،التحريم:۴)

ترجمو: ته بيشڪ الله ان جو مددگار آهي ۽ جبريل ۽ نيڪ ايمان وارا ۽ ان کان پوءِ ملائڪ مدد تي آهن.

تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي تحت آهي: هن آيت ۾ حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام ۽ نيڪ مسلمانن کي موليٰ يعني مددگار فرمايو ويو ۽ ملائڪن کي ظهير، يعني معاون قرار ڏنو ويو، هن مان خبر پئي ته الله پاڪ جا ٻانها مددگار آهن، ياد رهي ته جتي غيرُالله جي مدد جي نفي آهي، اتي حقيقي مدد مراد آهي۔ (صراط الجنان، ۱۰/۲۱۸)

۽ ان حقيقي مددگار، خداءِ بي نياز جي عطا سان محبوبِ غفّار، اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سِيرتِ مبارَڪه ۾ مدد ڪرڻ جا ايترا مثال موجود آهن جيڪي جيڪڏهن سڀئي گڏ ڪيا وڃن ته هڪ عظيمُ الشَّان ڪتاب مُرَتَّب ڪري سگھجي ٿو۔ اچو! مختصر طور ڪجھ مثال ٻڌون ٿا:

بخاري شريف ۾ آهي، نبي ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿوري کاڌي مان سڄي لَشڪر کي ڍَؤ ڪرائي ڇڏيائون۔ (بخاري، ڪتاب المغازي، باب غزوة الخندق …الخ، ۳/۵۱-۵۲، حديث: ۴۱۰۱ ماخوذاً)