Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اها حديث به نقل فرمائي آهي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کير جي هڪ پيالي مان 70 صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهمْ اَجْمَعِين کي ڍَؤ ڪرائي ڇڏيائون۔ (بخاري، ڪتاب الرقاق ،باب ڪيف ڪان عيش النبي…الخ،۴/۲۳۴،حديث: ۶۴۵۲ ماخوذاً)

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي هڪ ڪلام ۾ هن واقعي جي منظر ڪشي ڪيتري پياري انداز ۾ ڪئي آهي۔

کیوں جنابِ بُوہریرہ تھا وہ کیسا جامِ شِیر                     جس سے ستّر صاحبوں کا دودھ سے منہ پِھر گیا

 

شعر جي وضاحت: اي جنابِ ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ! اهو کير جو پيالو ڪيترو مٺو ۽ لذيذ هو، جنهن کي ستر (70) صحابَين سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ پي ڍَؤ ڪيو، پر پوءِ به کير پيالي ۾ بچي پيو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بخاري شريف ۾ اها روايت به آهي ته اڱرين مان پاڻي جا چشما جاري ڪري چوڏهن سو (1400) يا ان کان به وڌيڪ ماڻهن کي سيراب ڪيائون۔ (بخاري، ڪتاب المغازي، باب غزوة الحديبية،۳ /۶۹، حديث:۴۱۵۲ و۴۱۵۳ ماخوذاً)

اُنگلیاں پائیں وہ پیاری پیاری                                  جن سے دریائے کرم ہیں جاری

جوش پر آتی ہے جب غمخواری            تِشنے سیراب ہوا کرتے ہیں

شعر جي وضاحت: اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جي نرم و نازڪ ۽ پياري پياري آڱرين جو اهو شان آهي جو انهن مان پاڻي جا چشما جاري ٿي پوندا آهن، مٺا آقا، مالڪِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن پنهنجي غلامن تي مهربان ٿيندا آهن ته اڃايلن کي انهن آڱرين مان سيراب ڪندا آهن۔

لُعابِ دَهن (مبارڪ ٿڪ) مان ڪيترن ئي ماڻهن کي شِفا عطا فرمائي۔ (خصائص ڪبري،باب آياته في ابراء المرضي …الخ، ۲/۱۱۵-۱۱۸ ماخوذاً)