Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتي جي بَيان جو موضوع هوندو ”انبياءِ ڪرام جي نيڪي جي دعوت جا واقعا“ جنهن ۾ مختلف انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جا واقعا بيان ڪيا ويندا۔ جنهن سان اسان کي معلوم ٿيندو ته حضرت نوح عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام پنهنجي قوم کي ڪيتري عرصي تائين دِين جي دعوت ڏيندا رهيا ۽ سندس قوم سندن عَلَيه السَّلَام سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي رهي، ان سان گڏوگڏ اهو به بيان ٿيندو ته حضرت سليمان عَلَيه السَّلَام ڪهڙي بهترين حڪمتِ عملي سان ملڪه سبا کي دِين جي دعوت ڏني ۽ ان ڪهڙي طرح پنهنجي قوم سان گڏجي سندن عَلَيه السَّلَام تي ايمان آندائين۔ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام جي فرعون ۽ ان جي قوم کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو واقعو به بيان ڪيو ويندو۔ اسان اهو به ٻڌنداسين ته اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي دِين جي دعوت ڏيڻ تي ڪيترو ستايو ويو ۽ پاڻ انهن ستائڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو۔ ان سان گڏوگڏ وڌيڪ ڪيئي مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪه اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي وڏي آواز سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد