Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

هي ماڻهون ٽي (3) ڀائر هئا۔ ابنِ عبد ياليل، مسعود، حبيب، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن ٽنهي وٽ تشريف کڻي ويا ۽ اِسۡلام جي دعوت ڏني۔ انهن ٽنهي اسلام قَبول نه ڪيو بلڪه اِنتہائي بيہوده ۽ گُستاخيءَ وارو جواب ڏنو، ان بَدنصيبن انهيءَ تي بس نه ڪيو بلڪه طائف جي شريرن کي حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان بُرو سُلُوڪ ڪرڻ تي اُڀاريو۔ ته پوءِ ان شريرن سَرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تي ہر طرف کان حملو ڪري ڇڏيو ۽ مديني واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پٿر هنيائون، ايستائين جو سندس نازڪ جسم زخمن کان لہو لہان ٿي ويو۔ نَعۡلينِ مُبارڪ خُون سان ڀرجي وئي۔  جڏهن سَرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زَخۡمن کان بي تاب ٿي ڪَري ويهي ٿي رهيا ته اهي ظالِم اِنۡتہائي بي دَرۡديءَ سان نبي پاڪ کي ٻانهن کان پڪڙي اٿاريندا هئا ۽ جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هلڻ شروع ڪندا هئا ته وري پٿر هڻندا هئا ۽ گڏوگڏ طَعۡنه ڏيندا، گاريون ڏيندا، تاڙيون وڄائيندا، ۽ مذاق اڏائيندا هئا۔

حضرت زيد بن حارثه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڀڄي ڀڄي ڪري حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن ايندڙ پٿرن جي آڏو پاڻ پنهنجو بدن پيش ڪري رهيا هئا ۽ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي بچائي رهيا هئا، ايستائين جو اهي به رَتو رت ٿي ويا ۽ زَخۡمن جي سبب بي هوش ٿي ويا۔ ايستائين جو سَرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اَنگور جي هڪ باغ ۾ پناھ ورتي۔ (المواهب اللدنيه ، ھجرته صلي الله عليه وسلم، ج۱،ص۱۳۶،۱۳۷)