Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

مُشکلُوں میں دے صَبْر کی تَوفیق                         اپنے غَم میں فقط گُھلا یاربّ!

دے دے سوزِ بِلال یااللہ                        اَشکبار آنکھ ہو عَطا یاربّ!

قَبْر میری بنے مدینے میں                           تُجھ سے ہے یہ مِری دُعا یاربّ!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ڪيترا خوش نصيب آهيون جو دامن مصطفيٰ  اسان جي هٿن ۾ آهي، هن پرفتن دور ۾ الله پاڪ هن امتِ مسلمه کي هڪ عظيم رهنما عطا فرمايو آهي، جنهن کي دنيا  اڄ ”اميرِ اهلِسنت“ جي لقب سان سڃاڻي ٿي، قربان وڃان! سندن جي عطا ڪيل هن عظيم مقصد تي ته
”مونکي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ. هن مدني مقصد کي جيڪڏهن گهرائي سان سمجهيو وڃي ته خبر پوندي  ته نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ڄڻ هڪ تمام وڏو مشن  ڏنو ويو هجي، سڄي زندگي جيڪڏهن نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو سلسلو جاري رهي ته پوءِ به شايد پوري طرح  اسان حق ادا نه ڪري سگهون. اڄ جي بيان ۾ اسان انبياءِ ڪرام جي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا عظيم الشان واقعا  ٻڌا، هنن ايمان افروز واقعن مان اسان کي به پنهنجي اندر نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پهريان هن معاملي ۾ سستي هئي ته هاڻي هن کي چستي ۾ بدلڻ گهرجي، هاڻي ته گهڻيون آسانيون آهن، ڪنهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندي شايد ئي ڪنهن کي پٿر لڳا هجن، بلڪ ان جي بدران چانھ پاڻي جي دعوت پيش ڪئي ويندي هوندي، عمده ۽ لذيذ کاڌن جي دعوت ڏني ويندي هوندي، ايترِين آسانين ۽ سهولتن ۾ ته اسان کي نيڪي جي دعوت وڌ ۾ وڌ عام ڪرڻ گهرجي.