Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

آباد  ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهون ٿا ته ڪٿي ” بعدِ فجر مدني حلقي“ جي ذريعي فيضانِ قرآن سان مالا مال ٿي سگهون ٿا،  ڪٿي ”مسجد درس“ جي ذريعي عاشقانِ رسول تائين علمِ دين جي روشني پهچائي سگهون ٿا ڪٿي ”

 مدرست المدينه بالغان“ جي برڪت سان تعليم قرآن جي برڪتن سان مالامال ٿي ٻين تائين به هن جون برڪتون پهچائي سگهون ٿا ڪٿي . ”چوڪ درس“  جي ذريعي مسجدن کان دور، نمازن کان دور عاشقانِ رسول تائين سنتن جو پيغام پهچائي سگهون ٿا ڪٿي ” هفتيوار اِجتماع“ جي ذريعي غلامانِ مصطفيٰ کي  علم دين سکڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهون ٿا ڪٿي ” يومِ تعطيل اعتڪاف“  جي ذريعي شهر ۽ ڳوٺ وارن ۾ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪري سگهون ٿا، جتي اڃان مدني ڪم شروع ئي ناهي ٿيو يا شروع ته ٿي چڪو آهي پر وڌيڪ مضبوطي جي ضرورت آهي، ڪٿي ” هفتي وار مدني مذاڪري“  ۾ اميرِ اهلِسنت جي ذريعي ورهائڻ واري علمِ دين جي نه ختم ٿيندڙ دولت عاشقانِ رسول تائين پهچائي سگهون ٿا ته ڪٿي ”هفتي وار مدني حلقي“ جي ذريعي گهر گهر سنتن ڀريا بيان/ مدني مذاڪرا ”آڊيو، ويڊيو) ڏيکاري، ٻڌائي ڪري نيڪيءَ جي دعوت پهچائي سهگون ٿا، ڪٿي ”مدني دوري“ جي ذريعي گهر گهر، دڪان دڪان وڃي ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ جي لاءِ عاشقانِ رسول  تيار ڪري سگهون ٿا، ته ڪٿي نيڪ بڻجڻ جا نسخا ”مدني انعامن“ کي عام ڪري سگهون ٿا اهڙيءَ طرح ”مدني قافلن“ ۾ پاڻ به سفر ڪري ۽ ٻين کي به سفر ڪرائي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشس ڪرڻ ۾ اسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا.

الله پاڪ اسان کي نبيين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي ڏني ويندڙ نيڪيءَ جي دعوت جي صدقي دينِ اسلام تي ثابت قدمي نصيب فرمائي، نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ  ۾ اچڻ وارين تڪليفن، پريشانين، آزمائشن کي همت ۽ صبر سان برداش ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.