Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

غنيمت ايندو هو ته پاڻ عَلَيه السَّلَام ان مان اصحابِ صفه تي خرچ ڪندا هئا۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته اهي عظيم ماڻهو ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين بکايل رهندا هئا۔ انهيءِ ڪري اهي تمام ڪمزور، ضعيف، هيڻا ۽ نادار هئا۔ اچو اَصحابِ صُفّه جي غريبي ۽ ڪمزوري جي باري ۾ ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:

.1حضرت سيّدُنا فَضالَه بن عُبيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا؛ حبيبِ ڪِبۡريا، اِمامُ الانبياء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ماڻهن کي نماز پڙهائيندا هئا ته ڪجهه صحابه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان نماز ۾ ئي قيام جي حالت ۾ بُک جي سختيءَ جي سبب ڪِري پوندا هئا ۽ اهي اصحابِ صُفه هوندا هئا۔ ايستائين جو اعرابي چوندا هئا ته اهي ديوانا آهن۔ جڏهن سرڪارِ مدينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نماز مان فارغ ٿيندا هئا ته انهن ڏانهن توجهه ڪري فرمائيندا هئا، جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃي ته توهان جي لاءِ الله تعاليٰ وٽ ڪيڏو (اجر ۽ ثواب) آهي ته توهان انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪريو ته توهان جي بُک ۽ حاجت منديءَ ۾ اضافو ٿئي۔ (فيضانِ سنّت، ص۷۰۲،ترمذي،ڪتاب الزهدباب ماجاء في معيشة ۔۔۔الخ،۴/۱۶۲،حديث:۲۳۷۵)

.2حضرت سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيڪي اصحابِ صفه مان هئا اهي فرمائن ٿا: مون (بُک سبب) پنهنجي اها حالت به ڏٺي جو مديني جي تاجوَر، محبوبِ ربّ اڪبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي مِنبر شريف ۽ اُمُّ الۡمؤمنين حضرتِ سيّدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي حُجري مبارڪ جي وچ ۾ بيهوش ٿي ڪِري پوندو هئس، ڪو ماڻهو اچي منهنجي ڪنڌ تي پير رکي ڇڏيندو ۽ هو اهو سمجھندو هو ته مون تي جُنون (يعني چريائپ) جي ڪيفيت طاري آهي، حالانڪ مون کي جُنون وغيره ڪجهه به نه هوندو هو اِها حالت بُک جي ڪري هوندي هئي۔

                 (فيضانِ سنّت ص۶۹۵،بخاري،ڪتاب الاعتصام بالڪتاب والسنة باب ذڪر النبي ۔۔الخ،۴/۵۱۵،حديث:۷۳۲۴)