Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

.3حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري اسان ضعيف ۽ نادار ماڻهو ويٺل هئاسين ته حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان وٽ تشريف فرما ٿيا، ان وقت هڪ شخص قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪري رهيو هو ۽ اسان لاءِ دعا گھري رهيو هو۔ ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: ”سڀ تعريفون الله جي لاءِ جنهن منهنجي امت ۾ اهڙا نيڪ سيرت ٻانها پيدا ڪيا، جن سان گڏ رهڻ جو مون کي حڪم ڏنو ويو آهي۔“ پوءِ ارشاد فرمايائون: ”مسلمان فقراء کي قيامت جي ڏينهن ڪامل نور جي بشارت آهي ۽ اهي غني ماڻهن کان اڌ ڏينهن پهريان جنت ۾ داخل ٿيندا يعني پنج سو سال پهريان داخل ٿيندا اهي فقراء جنت ۾ نعمتن کان لطف اندوز ٿي رهيا هوندا ۽ غني ماڻهن جو محاسبو (Accountability) ڪيو ويندو هوندو۔“           (الدر المنثور، الڪھف، ۵/۳۸۲ تحت الاية:۲۸)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

غربت نعمت آهي يا زحمت

اي عاشقانِ صحابه و اهلبيت! بظاهر غربت اسان جي معاشري ۾ ناپسنديدگي جي نگاھ سان ڏٺي ويندي آهي، يقينًا اها غربت جيڪا ٻانهي کي دين ۽ شريعت کان پري ڪري اها چڱي ناهي جڏهن ته اها غربت جيڪا ٻانهي کي شريعت جي پيروي، توڪل علي الله ۽ خودداري تي اڀاري يقينًا اها الله پاڪ جي نعمت آهي۔ اهڙي غربت ئي نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چاهت، تمام گهڻي فضيلت ۽ بي شمار فائدن جو ذريعو آهي، انهيء ڪري الله وارن غربت کي پسند فرمايو آهي ۽ مال ۽ دولت ڪمائي غربت کان نڪرڻ جي ڪوشش نه فرمائي۔ اَصحابِ صُفّه جو روشن مثال اسان جي اڳيان آهي، انهن پاڪيزه ماڻهن جي لاءِ مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ، ڪاروبار ۽ بازار سان تعلق رکڻ ڪجھ مشڪل نه هو پر انهن اهڙين شين کان منهن موڙي ۽ صرف دين جي راھ جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري پيش ايندڙ غربت کي برداشت ڪري